رحيم يار خان (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي کي جيل مان آزاد ڪيو ويو.  پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ پوليس حراست ۾ ورتل اعظم سواتي کي ضلعي جيل رحيم يار خان مان آزاد ڪيو ويو آهي. آزادي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو ته پوليٽيڪل انجنيئرنگ هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستاني هاڻ ڏسي رهيا آهن ته سندن ملڪ سان ڇا ٿيو آهي. هن چيو ته چند ماڻهن جي ڪري ملڪ، ادارا، معيشت ۽ معاشرو تباهه ٿي ويو آهي.