اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف اقوامتحده پاران دوحا قطر ۾ گهٽ ترقي يافته ملڪن بابت ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اڄ آچر ڏينهن قطر روانو ٿيندو، وزير اعظم هائوس جي ترجمان ٻڌايو آھي ته وزير اعظم قطر جي امير جي دعوت تي 5 ۽ 6 مارچ تي دوحا ويندو، جتي اقوام متحده پاران گهٽ ترقي يافته ملڪن بابت پنجين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، ڪانفرنس 5 مارچ کان 9 مارچ تائين ٿيندي جنهن ۾ ترقي پذير ملڪن ۾ ترقي جو عمل تيز ڪرڻ لاء جي قدمن تي غور ٿيندو.