اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 5 جولاءِ 1977ع جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ کي ڏنل زخم اڃا تائين مڪمل طور تي مٽجي نه سگهيا آهن، آمر فنا ٿي ويندا آهن، مٽجي ويندا آهن، تاريخ کين ڪڏهن معاف ناهي ڪندي، آمرن جا چهرا تبديل ٿيندا رهندا آهن پر سوچ تبديل نه ٿيندي آهي. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٻن آمرن کي جمهوري جدوجهد ذريعي شڪست ڏني، جمهوريت لاءِ جدوجهد اڃا ختم ناهي ٿي، پارليامينٽ ئي سپريم آهي وارو بيانيو ضرور ڪامياب ٿيندو، آئين ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، ارڙهين آئيني ترميم آمرن کان جمهوري انداز ۾ انتقام آهي، پارليامينٽ کي بي توقير ڪرڻ جمهوريت کان انتقام آهي، 1973ع جو آئين جي وفاق جي سلامتي جي ضمانت آهي.