ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لياري پهچي صوبائي خاص معاون نسيمه ناز بلوچ جي لاڏاڻي تي سندن پونئرن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نسيمه ناز بلوچ سڄي عمر جمھوريت جي استحقام ۽ عوام جي خدمت ۾ گذاري، هن چيو ته نسيمه ناز بلوچ جون عوام لاءِ ڪيل خدمتون وساري نه ٿيون سگھجن، هن عورتن جي حقن لاءِ به پاڻ پتوڙيو.