ڪراچي (نمائندا ) ”پورهيت دودي ڀيل جا قاتل گرفتار ڪريو“ ٿرواسي ٻيهر سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا، بي آءِ ايف سميت مختلف تنظمين جي سڏ تي ٿرپارڪر سميت سنڌ جي ۾ ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ ۾ ٿرواسي هڪ دفعو ٻيهر سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا ۽ هزارين ماڻهن پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ان سلسلي ۾گذريل ڏينهن بي آءِ ايف جي ڏنل سڏ تي اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ ٽو، بلاڪ ون، گوڙاڻو ڊيم ايريا سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران بي آءِ ايف جي اڳواڻ لڄپت ملاڻي ڀيل، نندلال ڀيل، ٿر سماجي تحريڪ جي اڳواڻ عبدالعزيز هاليپوٽو، فشر فوڪ فورم جي عمر ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن پاران تعمير بينڪ واري روڊ کان ريلي ڪڍي ويئي ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ به شامل هو. ريلي اسلام ڪوٽ مٺي ۽ ٿرڪول ۽ ننگرپارڪر جي باءِ پاس روڊ وٽ پهتي، جتي پي ٽي آءِ اڳواڻ لڄپت سوراڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو جنهن سبب ايندڙ ۽ ويندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون.، باءِ پاس موڙ لڳل ڌرڻو جلسي جي شڪل اختيار ڪري ويو جتي مظاهرين پاران پورهيت مارڻ بند ڪريو، ڪوئلي جا وارث مارڻ بند ڪريو، ڪمپني وارو جواب ڏيو دودي جي خون جو حساب ڏيو، چونڊيل نمائندو دودي جي خون سان انصاف ڪريو، جا اڀ ڏاريندڙ هڻي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. سوين ٿر واسي مرد ۽ عورتون سڄو ڏينهن نهٽڻ اس ۾ بنا ڪجھه کائڻ پيئڻ جي سڄو ڏينهن ڌرڻو هڻي ويٺا رهيا. ٻئي پاسي ٿر ڪول ايريا بلاڪ 2 جي پورهيت دودو ڀيل جي سيڪيورٽي گارڊن هٿان مبينا قتل جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف بي آءِ ايف پاران احتجاج واري سڏ جي موٽ ۾ مٺي، ڇاڇرو ۽ چيلهار سميت ٿر جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا . مٺي ۾ جزوي هڙتال ڪري بي آءِ ايف جي سڏ تي وڪيل لجپت سوراڻي۽ گومون ڀيل جي اڳواڻي ۾ ڀيل برادري پاران ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. مٺيءَ ۾ شٽربند ڪرائڻ تان بي آءِ ايف ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جهڙپون پڻ ٿيون. احتجاجي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اينگرو ڪمپني جي گارڊن هٿان بي دردي سان قتل ٿيل دودو ڀيل جي قاتلن کي پوليس هٿ سان فرار ڪرائي عدالت تائين پهچايو. ڇاڇرو ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي. چيلھار ۾ پڻ دودو ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سوين ماڻھن احتجاجي مظاھرو ڪيو. ڪلوئي ۾ ڀيل انٽيليڪچوئل فورم طرفان ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ سيڪيورٽي گارڊن هٿان قتل ٿيل نوجوان دودو ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهر ۾ سوين ماڻهن جي احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڪلوئي آڏو ڌرڻو هنيو ويو. جڏهن ته ڀيل برادري پاران پنهنجو ڪاروبار منجهند تائين بند رکيو ويو. ان کان علاوه ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڀڳڙو رام، ڀيل جيوڻ، سردار ڀيل، وڪرم ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان کان علاوه عمرڪوٽ، نئون ڪوٽ ۽ چمبڙ ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪياويا.