ٺري ميرواھ : ٺري ميرواھ تعلقي جي ڳوٺ ھاشم گوپانگ ۾ 15 ورهين کان ھلندڙ تڪرار دوران 14 گوپانگ برادري، ھڪ سيد ۽ 3 شاھاڻي سميت 18 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن، مارجي ويلن ۾ مظفر گوپانگ، علي حسن گوپانگ، مشتاق گوپانگ، مسمات زينب گوپانگ، محمد معروف گوپانگ، راحب گوپانگ،منشي نياز گوپانگ، حاتم گوپانگ، سجاد گوپانگ، حاجن شاھ، نظير گوپانگ، ممتاز گوپانگ، امداد گوپانگ، عمران گوپانگ،سرور شاھاڻي سندس2 ڀائر ۽ ٻيا شامل آهن.