ڪاميڊين شيري ننها وري شازيه منظور کي چيڙائي وڌو، گلوڪاره جو تشدد

0
142
ڪاميڊين شيري ننها وري شازيه منظور کي چيڙائي وڌو، گلوڪاره جو تشدد
ڪاميڊين شيري ننها وري شازيه منظور کي چيڙائي وڌو، گلوڪاره جو تشدد

لاهور(شوبز نيوز) ”بتيان بجائي رک دي“ ۽ ”چن ميري مکنان“ جي گاني سان شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني گلوڪاره شازيه منظور هڪ لائيو شو دوران ڪاميڊين شيري ننها مٿان تشدد ڪري ڏنو

ان کان اڳ گلوڪاره ساڳي ئي ڪاميڊين کي نامناسب انداز ۾ ڳالهائڻ تي ٿڦ به وهائي ڪڍي هئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن ڀيري ۾ آئون سنجيده آهيان، توهان عورتن سان گڏ اهڙي قسم جون ڳالهيون نٿا ڪري سگهو؟ گلوڪاره ڪاميڊين کي تشدد جو نشانو بڻائيندي چيو ته تون مون سان هني مون جي ڳالهه ڪري رهيو آهين. تون عورتن سان ان قسم جي ڳالهه ٿو ڪرين، توکي شرم نٿو اچي

شازيه منظور کي ڪاوڙ ۾ ڏسي ميزبان محسن عباس حيدر ڪاميڊين کي چيو ته تون پنهنجي طرفان جملا ٿو استعمال ڪرين؟ توکي ڪيترا ڀيرا چيو آهي جيڪو اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي صرف اهو ئي ڳالهائيندو ڪر

محسن عباس جي دڙڪن تي ڪاميڊين شيري روئيندي چيو ته گلوڪاره هميشه مون تي ڪاوڙ ڪري مار ڏئي ٿي. ان کي خبر آهي ته آئون هڪ آرٽسٽ آهيان پوءِ به اهڙي نموني غصو ڪري رهي آهي. شو جو ميزبان ۽ ٻيا ڪاميڊين به گلوڪاره شازيه منظور کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر ان جي ڪاوڙ گهٽ نه ٿي