ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان پاڻ کي ”مسٽر پرفيڪٽ“ چوڻ کان روڪي ڇڏيو، عامر خان لاءِ اهو مشهور آهي ته هو پنهنجي هر فلم ۾ منفرد ڪردار ادا پنهنجي مداحن کي محفوظ ڪري ٿو، بلاڪ بسٽر فلمون ڏيڻ جي ڪري کيس ”مسٽر پرفيڪٽ“ جو لقب ڏنو ويو، پر هاڻي اداڪار کي لڳي ٿو ته هو مسٽر پرفيڪٽ سڏائڻ جي لائق ناهي.  هندستاني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته مون کي مسٽر پرفيڪشنسٽ چوڻ غلط آهي پر ڪڏهن ڪڏهن توهان جي نالي سان گڏ توهان جو خاص لقب لڳايو وڃي ٿو ان سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، هن وڌيڪ چيو ته آئون اهڙو شخص آهيان جيڪو سخت محنت ئي ڪندو آهي، مون کي پنهنجي ڪم سان تمام گهڻو پيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ عامر خان چيو ته هڪ اداڪار جي حيثيت سان آئون هميشه جادوئي گهڙي جي ڳولا ۾ رهندو آهيان پوءِ چاهي اهو پل پرفيڪٽ هجي يا نه پر مون کي ان پل جي ڳولا رهندي آهي.