لاڙڪاڻو/ڳڙهي خيرو (نمائندن وٽان) ڳڙهي خيرو ڀرسان ڳوٺ رمضان ڀٽي تي لاڙڪاڻو پوليس ڇاپو هڻي مبينا اغوا ڄاڻايل عورت کي ٻن ڌيئرن سميت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، عورت جو ڏير گرفتار، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڳڙهي خيرو ٻڌايو ته لاڙڪاڻو واسڻ مسمات حوا خاتون عدالت معرفت حيدري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ته سندس ڌيءَ پنھنجي مڙس شاھنواز سومرو ۽ ٻارن سميت مون وٽ رھندي ھئي ھڪ مھينو اڳ منھنجي ڌيءَ جو مڙس گذاري ويو، جنھن بعد منھنجي ڌيءَ جا ڏير نور زمان، احسان، عبدالرزاق ۽ ممتاز پنھنجي مائٽ عباس سومرو سان گڏجي ھٿياربندن سان گھر ۾ داخل ٿي بيواهه ڌيءَ صاحب خاتون ۽ ان جي ٻن ڌيئرن 17 ورھين جي ڪوئل ۽ 14 ورھين جي رحيمان کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن، پوليس ڪارروائي ڪري مبينا اغوا ڄاڻايل عورت کي ٻنھي ڌيئرن سميت بازياب ڪرائي عورت جي ڏير احسان سومرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.