جروار(ن پ ا )جروار ۾ چار ڏينهن اڳ ڪنڊير شاخ وٽان اغوا ڄاڻايل نوجوان جي بازيابي لاءِ پوليس ڳوٺ ابل ڳڙھي مٿان چڙھائي ڪري بوزدار برادري جي ماڻھن جا گهر ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي، بااثر وچ ۾ اچي نوجوان واپس ڪرڻ جي خاطري ڪرائي۽ پوليس کي به وڌيڪ ڪارروائي کان روڪيو، بااثر معرفت عاشق علي لغاري کي پوليس حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن ايس ايچ او جروار رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪئي ته نوجوان اسان کي هٿ اچي ويو آھي ۽ڳوٺ مان ڪجهه گرفتاريون به ڪيون آھن، هن وڌيڪ چيو ته 4 ڏينھن اڳ بوزدار برادري جي 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن عاشق لغاري کي اغوا ڪيو ھو. ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو جو چوڻ ھو ته ڳوٺ ابل ڳڙھي مان نوجوان عاش لغاري کي بازياب ڪرايو آھي، ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي.ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي علي شير لغاري جي فرياد تي عاشق لغاري جو اغوا ڪيس اڳوڻي يوسي ناظم سعيد خان بوزدار، رب بخش بوزدار سميت 8 سڃاتل ۽ 2 نامعلوم جوابدارن مٿان مارڻ جي ارادي سان اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.