لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلو رائنڪ ڀرسان 2 مهينا اڳ پرڻيل ناري گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ جيئو مغيري ۾ 2 مھينا اڳ پرڻيل 18 ورهين جي صائمه زال الطاف حسين مغيري گھر وارن جي غير موجودگي ۾ رئي سان ڦاھو کائي خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ناري جي ڀاءُ سونا خان مغيري ٻڌايو ته سندس ڀيڻ جي شادي ٻه مھينا اڳ ٿي هئي، ھوءَ پنھنجي گھر وارن سان خوش ھئي، خبر ناهي هن انتهائي قدم ڇو کنيو. ناري جو لاش تعلقه اسپتال وارهه منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو،