حيدرآباد (بيورو رپورٽ)  حيدرآباد ۾ ڪيس پراپرٽي جي رقم سڙڻ جي جاچ ۾ 2 اهلڪار معطل ڪيا ويا آهن.ڀٽائي نگر ٿاڻي ۾ 18 آگسٽ تي مبينا طور ننڍي منشي ابو طالب سيال جي ڪمري کي اوچتو باهه لڳي. باهه دوران هڪ الماري ۾ پيل ڪيس پراپرٽي جي رقم ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو هو. معاملي بابت ايس ايچ او حق نواز لولائي ايس ايس پي عبدالسلام شيخ کي ابتدائي طور جاچ رپورٽ اماڻيندي ٻڌايو ته الماري ۾ ڪيس پراپرٽي جا 3 لک 11 هزار ۽ 3 هزار رپيا ننڍي منشي جي رقم ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. ذريعن موجب ايس ايچ او رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته ڪمري کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي هئي جنهن دوران الماري ۾ پيل رقم ۽ ٻيو سامان سڙيو. ايس ايس پي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏيندي ايس پي ڪينٽ احمد چوڌري جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي هئي. پوليس ذريعن موجب ڪاميٽي جي رپورٽ ملڻ بعد ايس ايس پي وڏي منشي شمس راڄپر ۽ ننڍي منشي ابو طالب سيال کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ڄاڻايو آهي ته ڪمري کي باهه دوران رڳو هڪ الماري کي اندرين پاسي کان باهه لڳي جڏهن ته ڪمري ۾ رکيل ٻي الماري توڙي ڪمري کي باهه دوران گهڻو نقصان نه ٿيو هو. پوليس ذريعن ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪيس پراپرٽي ۾ اڳوڻي اي آءِ جي غلام حيدر جمالي جي ويجهي عزيز جي گهران لڳل ڌاڙي واري رقم رکيل هئي. ٿاڻي کي لڳل انوکي انداز ۾ باهه ۽ ڪيس پراپرٽي جا 3 لک 11 هزار رپيا سڙي وڃڻ واري معاملي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب وڏي منشي شمس راڄپر کي هٽايو ويو پر ايس ايچ او حق نواز لولائي کيس ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ هو ڊيوٽي ڪري رهيو آهي.