لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ويڳي ماءُ پاران ڪئنال ۾ اڇلايل نينگر جو لاس هٿ اچي ويو آهي. يار محمد ڪالوني واسڻ ڪبريٰ کوکر پاران 9 ورهين جي ويڳي پٽ معظم کوکر کي  مبينا طور رائيس ڪئنال ۾ اڇلائڻ واري واقعي ۾ پوليس غلام اڪبر کوکر جي فرياد تي ڪبريٰ کوکر کي حراست ۾ وٺي وومين ٿاڻي منتقل ڪيو. پوليس ٽوٻا گهرائي نينگر جي ڳولا شروع ڪئي ۽ رات دير سان نينگر معظم کوکر جو لاش 30 ڪلاڪن بعد لاهوري ريگيوليٽر وٽان هٿ ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو رائيس ڪئنال جي ڪڙ وٽ پهچي وارثن کان تفصيل وٺي کين هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل عورت ڪبريٰ کوکر گذريل رات سوشل ميڊيا تي چيو هو ته پاسو لڳڻ سبب نينگر رائيس ڪئنال ۾ ڪري پيو هو، اهڙي ڏنل بيان تان هاڻي ڦري وئي آھي. عورت پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته معظم کي ڇو ڌڪو ڏينديس؟ ان منهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ يا چري آهيان ڇا؟ مڙس ماري پيو، جنهن سان ڪوڙ ڳالهايو ته معظم کي مون ڌڪو ڏنو هو. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي نينگر جي پيءُ غلام اڪبر کوکر جو چوڻ هو ته ٻي گهر واري ڪبريٰ ۽ پٽ معظم سان گڏ پراڻي بس اسٽينڊ واري پل وٽ پهتاسين جتي گهر واري چيو ته کيس سستي ٿي رهي آهي ۽ هن جوس گهريو مون دڪان تان وڃي گهر واري لاءِ جوس آندو ته پٽ معظم گهر واري وٽ نه هو. ڀرپاسي جي ماڻهن ٻڌايو ته معظم کي عورت رائيس ڪئنال ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. پڇا ڪرڻ تي ڪبريٰ پاڻ ٻڌايو ته هن معظم کي ڌڪو ڏنو، جيڪو رائيس ڪئنال ۾ ڪِري پيو آهي. هاڻي ڀلي ڪيترائي بيان ڦيرائي .هوڏانهن سول لائين پوليس ٻڌايو ته عورت مختلف وقتن تي بيان تبديل ڪري رهي آهي، جنهن ڪري جاچ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.