جونگل (ن پ ا) جونگل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 16 مهينا اڳ سهري نظر محمد بنگلاڻي هٿان پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيل ناري روبينه بنگلاڻي جي خون جو فيصلو بلوچستان  جي دعا هوٽل تي مقدم جهانگير بنگلاڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿيو. جوابدار ڌر نظر محمد بنگلاڻي تي ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد عورت جي قتل جا 45 لک چٽي وڌي وئي ٻه لک ٿڏي تي ادا ڪيا ويا ۽ 3 لک معاف ڪري بقايا رقم 40 لک ٽن قسطن ۾ ادا ڪيا ويندا، چٽي جي رقم ناري جي پيءُ مهرالله بنگلاڻي وصول ڪئي، ٻنهي ڌرين کي راضي ڪري ڀاڪر پارايا ويا. ياد رهي ته 16 مهينا اڳ ناري روبينه زال سائينداد بنگلاڻي کي ڀيڻ جي شادي ۾ وڃڻ لاءِ ضد ڪرڻ تان پنهنجي سهري نظر محمد بنگلاڻي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو هو، جنهن جو قتل جو ڪيس پي جي فرياد تي 4 جوابدارن مٿان بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.