ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: سجاد الرحمٰن پهنور)ڪراچي ۾ باهه ڏئي ساڙي قتل ڪيل ڦلجي واسين جي معاملي ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگھي آهي، جڏهن ته مقتولن سان گڏ ساڙي زخمي ڪيلن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جوابدارن جي گرفتاري به عمل ۾ نه اچي سگھي. ان ڏس ۾ ڪراچيءَ جي گلزار هجري ٿاڻي جي حد لاسي ڳوٺ ۾ ڦلجي اسٽيشن جي ڳوٺ گاجي پهنور جي رهواسين کي گهر ۾ بند ڪري باهه ڏئي ساڙيندڙ جوابدارن کي گلزار هجري پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، باهه ڏئي ساڙي قتل ڪيل وارث پهنور ۽ علي گل پهنور جي تڏي تي عذرخواهي جو سلسلو جاري آهي، مُک جوابدار ولي داد ۽ سندس پُٽ شاهد الله اڃا تائين آزاد آهن. تڏي تي موجود وارثن موجب جوابدارن پاران ساڙي زخمي ڪيلن جو علاج جناح اسپتال جي برنس وارڊ ۾ هلندڙ آهي ۽ انهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار رٽائرڊ پوليس اهلڪار آهي. پوليس انهن جي ونگار وهي پئي. اسان سان ظالمن ظُلم ڪيو ويو آهي. ڪيميڪل سان اسانجا جوان بيدردي سان ساڙي قتل ڪيا ويا. هنن چيو ته مقتول وارث جي ڀاءُ غلام رسول ۽ ڀاڻج رضوان جو علاج جناح اسپتال جي برنس وارڊ ۾ جاري آهي پر سندن حالت بهتر ناهي، سندن حياتيون بچائي ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.