دادو (رپورٽر ) دادو جي عدالت پاران پوليس مقابلي جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 5 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج قاضي نعيم محمد صديقي جي عدالت پوليس مقابلي جو ثابت ٿيڻ تي جوابدار حيات لاکير کي 5 سال قيد ۽ 10 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ، سزا ٻڌايل جوابدار خلاف 2020 ۾ نئون ڳوٺ ٿاڻي تي پوليس تي فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.