حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران 27 جون تي حيدرآباد ۾ پاڻي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڻي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي جنهن ۾ پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور چيو آهي ته سنڌ بئراج ۽ ڀاشا ڊيم سميت سمورن ڊيمن جون رٿائون تباهي جون رٿائون ثابت ٿينديون. وفاقي حڪومت توڙي سنڌ سرڪار پاران سنڌ بئراج ۽ ڊيمن لاءِ بجيٽ ۾ رقمون رکڻ دريائي وهڪرن، فطرت ۽ ماحوليات دشمن قدم آهن. حيدرآباد ۾ پارٽي ڪارڪنن جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڌارين جي آبادڪاري، ميگا منصوبا ۽ دريائن تي ڊيمن خلاف وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي. سندن جماعت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.