ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ دشمن منصوبن، بحريا ٽائون انتظاميا ۽ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت قومي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف ڄامشورو ۾ جسقم طرفان ريلي ڪڍي شهر جي مک چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ سومر خان جمالي، عبدالخالق پنهور، عابد جمالي علي قريشي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ سان عشق ۽ ڌرتيءَ جي وارثي جي ڏوھ ۾ جسقم خلاف اڻ اعلانيل آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت جسقم جي مرڪزي قيادت کي جيلن ۾ بند ڪري اذيتون ڏنيون پيون وڃن، پ پ سرڪار ملڪ رياض جي ونگار وهندي قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهايون ڪرائي ڌرتي جي وارثي تان هٿ کڻائڻ لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي. هنن چيو ته بحريا ٽائون کي سنڌي ماڻهن مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري بحريا ٽائون ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي زمينن جي والار بند ڪئي وڃي ۽ جسقم جي مرڪزي قيادت صنعان خان قريشي، امجد مهيسر، ديدار شام ۽ الاهي بخش بڪڪ سميت سمورن اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي سلسلو جاري رهندو.