چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ويجھو ڀت ڪرڻ سبب 14 ورھين جو نينگر فوت ٿي ويو، چمبڙ ويجھو ڄارڪي موري ڀرسان ڪريم آباد ۾ 14 ورھين جو مزمل پٽ مولوي عقيل بوزدار مٿان ڀت ڪرڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنھن جي کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽنڊوالهيار اسپتال کڻائي آيا، جتي طبي امداد بعد حيدرآباد ريفر ڪيو. حيدرآباد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي نينگر فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي تي نينگر گھر ٻاھران ڀت جي ديوار سان بيٺل ھو ته اوچتو ڀت ڪرڻ سبب نينگر ڌٻجي سخت زخمي ٿي پيو ھو ھوڏانھن نينگر جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو.