جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ ارڙي وگهي ڪنڌڪوٽ واسي 4 ورهين جي ٻارڙي فوت. خبر موجب جمس اسپتال ۾ داخل ڪنڌڪوٽ واسي 4 ورهين جي ٻارڙي حاجران رند ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، ٻارڙي جي فوت ٿيڻ بعد گهر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو، فوت ٿيل ٻارڙي جي پيءُ عبدالغني رند ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ ڌيءَ کي ارڙي سبب جمس اسپتال کڻي آياسين، جيڪا علاج دوران فوت ٿي وئي.