قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن سنڌ ۾ اغوا، ڦرن ۽ قتل جي وڌندڙ واقعن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي، ان موقعي تي اڳواڻن محمد جان بروهي، اعجاز بليدي، اياز ميرجت ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ اڪثر نااهل پوليس آفيسر مقرر ڪيا ويا آھن، جنهن سبب بدامني وڌي وئي آهي، هنن چيو ته معصوم پري پريا ڪماري سميت ڪيترائي مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد آھن جن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، هنن چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران ڪوڙن مقابلن ۾ صدام لاشاري جهڙن نوجوانن کي ماري رهي آهي، هنن اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.