قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان رضوان گوپانگ جي ڪيس جي جوابدارن کي 18 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتول جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي فريادي رمضان گوپانگ ۽ ٻين ٻڌايو ته 18 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، هن چيو ته اسان جوابدار عرفان گوپانگ، سعيد گوپانگ، صوبدار گوپانگ ۽ شعيب مغيري خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي، جڏهن ته پوليس رڳو هڪ عرفان کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته ٻين کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.