حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان بڙدي بليدي ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ يوٿ ونگ پاران ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ گھوٽڪي ضلعن مان شهرين توڙي وڪيلن کي اغوا ڪرڻ خلاف پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي محمد اسلم، عبدالستار بليدي، ۽ ٻين ڪئي. مظاهرين چيو ته سنڌ جو امن برباد ڪرڻ ۾ ڌاڙيلن سان گڏ سياسي ڀوتارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جو هٿ آهي جن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي.