سياسي ارادو ۽ مفعولي مزاحمت

0
200
سياسي ارادو ۽ مفعولي مزاحمت

 ڪالھ ئي ھڪ ڏکوئيندڙ خبر سامھون آئي ته، 19 ھين گريڊ جي ڊاڪٽر عزيز سوڍر عملدارن ۽ سرڪاري مشينريءَ جي رشوت خوري ۽ دٻاءَ کان تنگ ٿي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ھُو آئي سي يو ۾ آھي. اھا خبر سماج لاءِ ڇِرڪائيندڙ ھئي، ڇاڪاڻ ته سماج ۾ عام طور تي خودڪشين جون خبرون نارين، نوجوانن، ھارين يا سماج جي بنھ پيڙيل پرتن بابت اينديون آھن پر سنڌ ۾ ھڪ 19 ھين گريڊ جو آفيسر به  مجبور ٿي خودڪشي ڪري ته  پوء عام پيڙھيل انسانن جي صُورتحال ڇا ھوندي؟

                 ڊاڪٽر صاحب جي خودڪشي واري ڪوشش تي ڳالھ ٻولھ کان پھريان ھڪ عام راء به  ھتي رکڻ چاھيندس، جيڪا ڪافي حلقن ۾ سنڌي سماج ۽  عوام بابت عام ٿي وئي آھي. اھا ھِيءَ ته، “يار ماڻھو بيحس ٿي ويا آھن، ايتري مھانگائي، بک، بدحالي، سنڌ سرڪار جي ڪرپشن  باوجود عوام اڳتي وڌي ڪا مزاحمت نه  پيو ڪري”. ان بابت سوشل ميڊيا تي ھڪ  ميم (meme) به  ھلي ته پاڪستان ۾ سريلنڪا جي عوام کي امپورٽ ڪيو وڃي ته  ملڪ جا مسئلا حل ٿي ويندا! اھڙي قسم جي راء ھن وقت ڪجھ سياسي پارٽين جي پروگرامن ۾ به  ٻڌڻ لاء ملندي آھي، جتي اڳواڻ چوندا آھن “ادا سنڌ جون سڀئي پارٽيون ۽ سڄاڻ حلقا جدوجھد ۾ لڳا پيا آھن پر عوام اڃان تائين ڀٽي جي سحر مان نڪري نٿي!” ڇا واقعي سماج بي حس ٿي چڪو آھي ۽ مزاحمت جي سگھ مڪمل ختم ڪري چڪو آھي؟

ڊاڪٽر عزير سوڍر جي خودڪشي جي ڪوشش اھو ٻڌائي ٿي ته  ائين بلڪل به  ناھي ڇاڪاڻ ته  خودڪشي حساسيت جو اظھار آھي ۽ مزاحمت جي ھڪ خاص شڪل آھي جنھن کي مان مفعولي مزاحمت (passive resistance ) سمجھان ٿو جتي انسان کي حالتن سان مقابلو ڪرڻ جو گس سمجھ ۾ نه  ايندو آھي ۽ اھو انھن سان مقابلي جي سگھ نه  ساري سگھندو آھي ته  موٽ ۾ پاڻ کي نقصان ڏيندو آھي پر اھو عمل خود مروج حالتن سان سخت نفرت، انھن ڏانھن حساسيت ۽ ان خلاف بغاوت جو اظھار آھي. ڊاڪٽر سوڍر جي خودڪشي جي ڪوشش پوري نظام، سنڌ سرڪار جي ڪرپشن، ڀوتارڪي ڪلچر جي خلاف ھڪ مفعولي مزاحمت آھي.

 ائين ئي ھن وقت سنڌي سماج ۾ وڌنڌڙ خودڪشين سان گڏ وڌنڌڙ سماجي انارڪي ۽ لاقانونيت خود ھڪ بي سمت ۽ غير منظم مفعولي مزاحمت ۽ ڪروڌ آھي. ھڪ پاسي سياسي سطح تي سڄاڻ حلقن ۽ ڌرين ۾ سرگرميون تيز ٿي ويون آھن ۽ ٻئي پاسي اڃان عام ماڻھو مزاحمت جي غير منظم ۽ مفعولي سطح تي آھن.

طبيب دارو کڻي گھمي ٿو

مريض پنھنجي معاش ۾ آھ

ڪو عشق آھ جو دربدر آھ

جنون  سنگتراش ۾ آھ

ڪلال رڻ ۾ لھي پيو آھ

تلاش مئي ڪش روان دوان (سلمان)

ھاڻ سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته سماج جي مفعولي مزاحمت کي ڪيئن سمجھجي ۽ ان جي سببن کي ڪيئن ڳولھجي؟ وچ اوڀر جي ھڪ سماجي سائنسدان آصف بيت 2009ع  ۾ ھڪ ڪتاب “life as politics ”  لکيو. اھو ڪتاب ايران ۽ وچ اوڀر جي ملڪن ۾ ماڻھن جي روزمرھ جي مزاحمت “everyday Resistance ” بابت آھي. اھو ڪتاب ان دور ۾ ليکڪ لکيو جڏھن وچ اوڀر بابت اولھ جي لبرل حلقن ۾ اھو عام ھو ته  عرب ۽ ايراني آمريتن ۽ انتھاپسندي کي پسند ڪندڙ آھن ۽ ھنن وٽ تبديلي جي ڪابه  سگھ يا ارادو ناھي. ان ڪري وچ اوڀر ۾ آمريڪي ۽ نيٽو جي فوجن وسيلي ئي جمھوريت ۽ تبديلي کي متعارف ڪرائي سگھجي ٿو! پر ليکڪ ان مفروضي جو جواب ڏيندي لکي ٿو ته، بظاھر خاموش سماج ڪھڙي ريت ننڍن ننڍن عملن ۾ پنھنجي مزاحمت جو اظھار ڪري ٿو !  جيڪڏھن ايران ۾ انتھاپسندي آھي ته  اتي نوجوانن ۽ عورتن خاموشي سان پنھنجي آزادي ۽ تفريح جا گس ڪڍيا آھن. خود مذھبي تھوارن تي ڇوڪرا ڇوڪريون لڪ ۾ تفريح جا طريقا ڪڍي ايران جي ملائيت کي خاموشي سان چيلينج ڪري رھيا آھن. ائين عورتون ايراني سماج جي ھر شعبي خاص ڪري اھڙن ڪمن جھڙوڪ اسپورٽس، ايٿليٽس ۽ مائونٽين ڪلائمبنگ ۾ اڳيان اچي ايران جي انتھاپسندي کي مفعولي طور چئلينج ڪري رھيون آھن. ائين ڪچين آبادين جا ماڻھو بجلي گيس ۽ ٻين سھولتن لاء ڪھڙي ريت ووٽ کان ويندي نظام ۾  ئي موجود رشوت جي ھٿيار کي استعمال ڪري پنھنجي زندگي جيئڻ جا گس ڪڍي رھيا آھن. آصف بيت جي اھا “روز مرھ جي مزاحمت ”  everyday resistance اسان وٽ به  موجود آھي جنھن جو وڏو مثال ڊاڪٽر عزير سوڍر جي خودڪشي جي ڪوشش آھي!

آصف بيت اھو ڪتاب 2009ع ۾ لکيو پر  2011ع جي عرب بھار کان ويندي ايران جي ھاڻوڪي عورتن جي تحريڪ وچ اوڀر کي ڌوڏي ڇڏيو آھي، يعني وچ اوڀر جو ماڻھو مفعولي مزاحمت کان ٻاھر نڪري سرگرم اجتماعي منظم مزاحمت جي سطح تي اچي ويو آھي. نتيجي ۾ ساڳئي ئي ليکڪ کي 2021ع ۾  “انقلابي زندگي : عرب بھار جو معمول ”  (Revolutionary Life :Everyday of Arab Spring ”  لکڻو پيو، جنھن ۾ ھو بيان ڪري ٿو ته  عرب بھار کانپوء وچ اوڀر جو ماڻھو اجتماعي منظم سرگرم مزاحمت کي ھاڻ زندگي جو معمول سمجھي ٿو.

اسان سماج جي مفعولي مزاحمت کان سرگرم اجتماعي شعوري ۽ منظم مزاحمت ڏانھن سفر طئي ڪرڻ جا مختلف سبب ڄاڻائي به  سگھون ٿا ۽ ساڳئي وقت ڪوبه  سماجي سائنسدان ان ٽائم فريم جو ڪاٿو نٿو لڳائي سگھي ته  آخر ڪڏھن سماج پنھنجي مفعولي مزاحمت مان نڪري شعوري ۽ سرگرم مزاحمت ڏانھن وڌندو پر  ان ٻن قسمن جي مزاحمتن ۾ جنھن بنيادي شئي جو فرق آھي اھو “سياسي ارادو ” (Political Will ) آھي،

سماج ۾ ماڻھو سرگرم مزاحمت تڏھن نٿو ڪري يا ان سان تڏھن نٿو جڙي جو سندس ارادو ۽ شخصيت طاقت جي مختلف سرشتن ھٿان ماريل ۽ ميساريل آھي. رياست جي ھٿياربند ادارن کان ويندي وڏيرڪي ڀوتارڪي ڪلائنٽ نيٽورڪ تائين اسڪول کان ويندي ڪوٽ ڪچھري تائين ماڻھو ھر وقت تشدد دٻاءَ ۽ اسٽريس ۾ ته  رھي ٿ،و جيڪا ھن جي شخصيت ۽ ارادو ماري ڇڏي ٿي، اسان جھڙا بيٺڪيتي معاشرا بيٺل ئي تشدد ۽ غلامن جي ارادو ماڻڻ جي طريقن تي آھن. اڪثر اسان جا ھاري، پورھيت ۽ عورتون ڪنھن سماجي محفل ۾ پنھنجو نالو به  نه  ٻڌائي سگھنديون آھن، جيڪو سندن شخصيت ۽ ارادي جي گھرائيءَ جي حد تائين ڪمزور ھجڻ جي نشاني آھي. اتي مزاحمت جي ڪھڙي صورت انھن ماڻھن لاء بچي ٿي ؟ اھا مفعولي ۽ پاڻ کي نقصان ڏيڻ واري ئي آھي.

سياسي جماعت جو ڪم ماڻھن جي اجتماعي ارادي کي نئين سر تشڪيل ڪرڻ ھوندو آھي. نئين سر تاريخ کي بيان ڪري، عوام کي سندن وڏڙن جون عظيم ويڙھون ياد ڏياري ۽ سندن يادداشت کي تازو ڪري، ننڍيون ننڍيون جدوجھدون ڪرائي، تحريڪن جي پريڪٽس ڪرائي اظھارڻ جي قوت آڇي ۽ تنظيم جي گڏيل سگھ جو احساس ڏياري  قوم جو اجتماعي ارادو تشڪيل ڪرڻ ئي انقلابي سياست جو اولين ڪم آھي، پوء ان وقت جي ڪنھن انقلابي ۽ سماجي سائنسدانن کي به تز  خبر نه  ھوندي آھي، جڏھن عوام ڀڙڪو کائي اٿندو آھي ۽ سرگرم مزاحمت ڪري سموري ڪاوڙ گڏيل قوت ۾ ڪڍي تاريخ جو ازالو ڪري وٺندو آھي ۽ ان وقت لينن مطابق عوام پارٽي کان اڳيان ھلندو آھي ۽ پارٽي ليڊر کان اڳيان ھلندي آھي ۽ ڪجھ ڏھاڪن ۾ صديون رونما ٿي وينديون آھن.