سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران صحت کاتي خيرپور جي ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ سپروائيزر ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر امتياز علي وساڻ کي گرفتار ڪرائي هٿڪڙيون هڻي حراست ۾ ويهاري ڇڏيو. عدالت معاملي جي ڊي جي هيلٿ ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آهي. صحت کاتي خيرپور جون متاثر ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ سپروائيزر عابده، ناهيد اختر، ناهيد زهري، فيروزه ۽ حميده منگي طرفان اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر امتياز وساڻ خلاف حراسان ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. ان درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران ڊي ايچ او هيلٿ خيرپور ۽ ٻيا واسطيدار پيش ٿيا ان دوران درخواستگذار ملازم عورتن عدالت کي ٻڌايو ته خيرپور جي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر امتياز علي وساڻ کين بدسلوڪي ڪري حراسان ڪري رهيو آهي ان خلاف ڪارروائي ان ڪري نٿي ڪئي وڃي ته هو حڪمران جماعت جي اهم شخصيت جو ويجهو مائٽ آهي حراسان ڪندڙ امتياز علي وساڻ خلاف جولاءِ 2022 جي انڪوائري رپورٽ ۾ امتياز وساڻ کي ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ سپروائيزر ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو ان انڪوائري ۾ 10 ليڊي هيلٿ ورڪرز کي حراسان ڪرڻ جي پڻ تصديق ڪئي وئي هئي. عدالت هٽايل اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر امتياز علي وساڻ کي هيلٿ ورڪر ۽ سپروائيزر عورتن کي حراسان ڪرڻ تي عدالتي روم مان گرفتار ڪرائي حراست ۾ ويهاري ويو بعد ۾ سندس وڪيل جي درخواست تي عدالت امتياز علي وساڻ کي معافي ڏيندي ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ واري معاملي جي ڊي جي هيلٿ ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.