حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) لطيف آباد ۾ قتل ٿيل ناري جو جوابدار 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، جوابدار جو پوليس آڏو شروعاتي جاچ وارو بيان منظر عام تي اچي ويو، عدالت ۾ ڏنل بيان ۽ پوليس واري بيان ۾ تضاد، واقعو اڃا تائين مشڪوڪ بڻيل. ان ڏس ۾  ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڪوهسار جي گلستان سچل سرمست واري علائقي ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيل ناري اقرا مشوري واري واقعي ۾ گرفتار جوابدار غيور عباس ڪليار کي پوليس رمانڊ لاءِ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 7 جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي جوابدار کان ٿيل هيستائين جاچ ۽ سندس گرفتاري دوران هٿ آيل ڇري بابت آگاهي ڏيندي استدعا ڪئي ته جوابدار کان کين وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي ان لاءِ سندس هفتي جو رمانڊ منظور ڪيو وڃي. عدالت جاچ آفيسر جي استدعا منظور ڪندي جوابدار کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي کيس 22 مارچ تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. فريادي ڌر جي وڪيل امير علي مشوري شنوائي بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار عدالت ۾ اعتراف ڪيو آهي ته سڱ نه ملڻ تي هن اقرا مشوري کي قتل ڪيو آهي ۽ واقعي ۾ هو پاڻ اڪيلو ملوث آهي. جوابدار مختصر بيان ڏيندي صحافين آڏو به اعتراف ڪيو ته هن پاڻ اقرا کي قتل ڪيو پر پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته في الحال جوابدار جو اهو بيان رڳو شاهدي طور ئي شامل ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته ان کان اڃا جاچ آفيسر جي اسرار تي عدالت 164 وارو بيان رڪارڊ ڪندي جيڪو حتمي سمجهيو ويندو. ٻئي طرف پوليس عملدارن پاران جوابدار کان واقعي بابت تفصيلي جاچ ڪئي پئي وڃي شروعاتي طور پوليس آڏو جوابدار اقرا مشوري سان لاڳاپن جو اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي ته اقرا سان سندس دوستي هئي. ڏيڍ سال اڳ دوستي ختم ٿي. ٻيهر ڪجهه ڏينهن کان اقرا کيس بار بار فون پئي ڪيا جنهن دوران هن سان ساڻس ڳالهه ٿي. پوليس آڏو جوابدار جي ڏنل شروعاتي بيان واري وڊيو منظر عام تي آئي آهي وڊيو ۾ واضح نموني جوابدار پاران پوليس آڏو ڪيل ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ ۾ اچي جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته اقرا کيس ڌمڪي ڏني ته تو منهنجي زندگي خراب ڪئي آهي ان لاءِ هاڻي هو منهنجي ۽ گهروارن جي زندگي خراب ڪندي. جوابدار غيور عباس ڪليار موجب ته اقرا کيس اهو به چيو ته تنهنجي گهر وارن جون تصويرون ۽ مون سان ٿيل ڳالهه ٻولهه واريون آڊيو ڪال نيٽ تي وائرل ڪندي. جوابدار پوليس کي اهو به ٻڌايو آهي ته اقرا کيس مسلسل فون ڪيو پر هن ساڻس رابطو نه ڪيو جنهن جو سندس فون مان رڪارڊ به چيڪ ڪرائي سگهجي ٿو ۽ بعد ۾ هن فون ڪري ساڻس بدتميزي ڪئي، جنهن ڪري هو جذبات ۾ اچي ويو ۽ اقرا سان ملاقات لاءِ حامي ڀري پر اهو شرط رکيو ته پهرين هو سموريون وڊيوز، فوٽو ۽ آڊيو ڪالز ڊليٽ ڪندي پر ڄاڻايل هنڌ پهچڻ بعد هن انڪار ڪندي چيو ته هو فون مان ڪجهه به ڊليٽ نه ڪندي ۽ کيس گارگند به ڪئي. جوابدار پوليس ڇري بابت به آگاهي ڏني ته هو جڏهن پهرين اقرا سان ڳالهائيندو هو ته ان دوران کيس خوف ڏيڻ لاءِ هن ڇري ٺهرائي ڇڏي هئي. جوابدار ناري تي الزام هڻندي چيو ته سڄي پاڙي کي خبر آهي ته اقرا ڇا ڪندي هئي ۽ ڪنهن سان ايندي ويندي هئي. ايئرپورٽ پوليس جي عملدارن پاران جوابدار کان شروعاتي بيان واري 2 منٽ 51 سيڪنڊ واري وڊيو ۾ غيور عباس ڪليار ڪٿي به اهو ناهي ٻڌايو ته هن اقرا کي قتل ڪيو يا نه. جيڪڏهن قتل ڪيو ته کيس ڪيتريون ڇريون هنيون هيون پر پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي.