دوداپور (ن پ ا) دوداپور ڀرسان مندراڻي ڪٽوهر تڪرار برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ جنيد شاھ راشدي ڳوٺ صوبو خان ڪٽوهر ۾ پنهنجي ڪٽوهر برادري جي مريدن جي ڪٺ گهرائي کين هدايت ڪئي ته تڪرار ختم ڪري نسلن کي تباهي کان بچايو. ان موقعي تي ڪٽوهر برادري جي چڱن مڙسن علي اڪبر ڪٽوهر، صوبو ڪٽوهر، ميرگل ڪٽوهر ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسان پرامن آھيون اسان سان ناانصافيون ٿيون آھن، اسان جا چار قتل ۽ 8 زخمي ٿيا آھن، هزارين جريب زمين بنجر بڻيل آھي ۽  مندراڻي ڌر جا صرف 2 قتل ٿيا آھن. ڪٽوهر برادري جي چڱن مڙسن جنيد شاھ راشدي کي چيو ته توهان کي مان ڏيون ٿا، برادري سان مشاورت ڪري تاريخ ڏينداسين، ٻئي طرف جنيد شاھ راشدي مندراڻي ڌر جي پنهل خان مندراڻي ۽ غلام حيدر مندراڻي وٽ پهچي چيو ته ڪٽوهر برادري کي فيصلي لاءِ راضي ڪيو آھي، اوهان به سٺو موٽ ڏيو، ان موقعي مندراڻي ڌر جو چوڻ آھي ته اسان اوهان کي مان ڏيون ٿا اوهان مالڪ آھيو اسان ٺاھ لاء راضي آھيون،جنيد شاھ راشدي پنهنجي کي ٻڌايو ته ڪٽوهر مندراڻي تڪرار سان گڏ علائقي ۾ ڪيترائي تڪرار هلندڙ آھن، انهن کي ايم اين اي فريال ٽالپر ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد جو پيغام کڻي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھيان اميد ته جيڪي به تڪرار هلندڙ آھن جلد اهي ختم ڪيا ويندا.