لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي عمران خان جي مقبوليت ذوالفقار ڀٽو کان ٻيڻي قرار ڏئي ڇڏي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته پيپلزپارٽي جي احسان الحق تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي،  نوازشريف ۽ شهبازشريف جو سودو بازار ۾ وڪرو نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان تمام وڏي عزت ڏني آهي، نوازشريف ليڊر ڪم ٽپايو ليڊر آهي، مون کي ٽارگيٽ ڪري پ پ ۽ نواز ليگ جا ماڻهو تحريڪ انصاف ۾ آڻڻا آهن، مريم نواز نواز ليگ کي وڌيڪ نقصان پهچايو آهي، صحافي سوال ڪيو ته عمران خان چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ان تي منڌيئڙو لڳائي ڇڏيو آهي، ڇا اوهان اهو منڌيئڙو هٽائي سگهو ٿا؟ جنهن تي پرويز الاهي چيو ته منڌيئڙو صرف الله لڳائي سگهي ٿو ۽ ان سان زندگي ختم ٿي ويندي آهي. هن چيو ته عمران خان جي ذوالفقار ڀٽو کان ٻيڻي مقبوليت آهي، اليڪشن جا جيڪي نتيجا اچڻا آهن، انهن کان هي ڊڄي ۽ مري رهيا آهن.

لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي تحريڪ انصاف جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صحيحن سان پرويز الاهي جي تحريڪ انصاف صدر طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. فواد چوڌري عمران خان طرفان نوٽيفڪيشن جي ڪاپي پرويز الاهي کي پيش ڪئي. چوڌري پرويز الاهي چيو ته اعتماد ڪرڻ تي عمران خان جو ٿورائتو آهيان، گڏجي آئين ۽ قانون جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪنداسين. واضح رهي ته پرويز الاهي ڪجهه ڏينهن اڳ ق ليگ ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو هو.