ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي ۽ تجزياڪار حامد مير چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ترديد باوجود عمران ۽ آرمي چيف جي ملاقات ڪرائڻ لاءِ صدر ڪوششون ڪيون آهن جنهن جا ثبوت به موجود آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر ٻڌائي ته ڪنهن کيس راولپنڊي گهرائي چيو ته عمران کي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ نااهل نه ڪريو، اليڪشن ڪرايو يا عهدو ڇڏي هليا وڃو. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صدر عارف علوي آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ عمران خان جي ملاقات جي ائين ئي ڪوشش ڪئي جيئن ماضي ۾ باجوه سان ملاقات ڪرائيندو رهيو آهي پر جنرل عاصم ملڻ کان انڪار ڪيو، پي ٽي آءِ ڀلي ان جي ترديد ڪري هو سمجهن ٿا ته انهن ڪوششن جا ثبوت موجود نه آهن پر ثبوت آهن ته صدر عارف ملاقات جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته هن وقت پ پ ۽ ن ليگ ۾ ويڙهه ٿي رهي آهي پارٽين اندر به ويڙهه هلي پئي. هن چيو ته عمران خان مشهور آهي، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ۽ نواز شريف به مشهور هئا پر ڏسو ته انهن فوج سان ٽڪر کاڌو ته انهن سان ڇا ٿيو. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ٻڌائي نه ته کيس ڪنهن جا ڪنهن جا فون ايندا هئا توهان کي ڪنهن راولپنڊي ۾ گهرائي چيو هو ته چونڊون ڪرايو نه ته گهر هليا وڃو. عمران خان کي فارين فنڊنگ ڪيس ۾ نااهل ڪرڻ کان روڪيو ويو ٻين پارٽين جي اڳواڻن کي ته نااهل ڪيو ويو پر عمران کي نه. هو ٻڌائي ته سڀ خبر پئجي ويندي ته عمران خان کي رليف عدالتن مان پيو ملي يا وري ڪنهن ٻئي هنڌان ملي رهيو آهي.