بحران جو حل چونڊون آهن

0
80
بحران جو حل چونڊون آهن

 ملڪ جون سياسي حالتون ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن؟ انهن جي ڪا خبر نه ٿي پوي.هڪ طرف پنجاب ۽ ڪي پي ۾ نوي ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو چوٻول آهي ته ٻئي طرف وري ملڪ جي وڏي پارٽي جي اڳواڻ جون پيشين مٿان پيشيون آهن.ڇا اها سياسي گرمي اڃا ڊگهو وقت جاري رهندي يا ان بحران مان نڪرڻ جو ڪو آسرو به آهي؟انهي سوال جو جواب ته سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس بابت اڄوڪي فيصلي ۾ ملي ويندو ،اهو آئيني مسئلو ته شايد سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حل به ٿي وڃي پر لڳي نه ٿو ته سياسي بحران ڪو انهي فيصلي سان ختم ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ڌريون اهڙي هنڌ اچي پهتيون آهن جو اهي ڪنهن به صورت ۾ ڳالهين وسيلي مسئلن جو حل ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن جنهن ڪري انهي سياسي بحران مان ٻيا بحران ڏينهون ڏينهن پيدا ٿي رهيا آهن. اسلام آباد ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا توشه خانا ڪيس ۾  ناقابل ضمانت  گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪيترا  دفعا ڪورٽ ۾ حاضر نه ٿيڻ تي حاضريون ۽ تاريخن مٿان تاريخون ملنديون رهيون پر جڏھن ته ھن حاضري تي  پيش نه ٿيڻ سبب عمران خان جا  ايڊيشنل جج گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن ڇاڪاڻ ته ساڳئي ڏينهن ٻين مختلف عدالتن ۾ به عمران خان کي پيش ٿيڻو هو جتي هن جي ضمانت ڪنفرم ٿي وئي آهي.اڳتي ڇا ٿو ٿئي اهو ته وقت ٻڌائيندو. باقي رهي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊ جي ڳالهه ته ان جو فيصلو هاڻي اڄ سپريم ڪورٽ ٻڌائيندي  جڏھن ته حڪومت يا اليڪشن ڪميشن نوي ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت ٻڏتر جو شڪار نظر اچي رهيا آهن. اليڪشن جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي جنهن ڪري اهو خطرو هو ته ڪٿي اها آئيني گهرج رهجي نه وڃي جنهن تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي شنوائي ڪئي ۽ ڪالهه فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيوآهي.آئين تحت اليڪشن جو وقت ويجھو اچي چڪو آھي جنھن تي حڪومت ۽ اليڪشن  ڪميشن جو اليڪشن جي متعلق چٽو موقف اچڻ گھربو ھو . ھڪ ته ملڪ ۾ جيڪڏھن وقت تي اليڪشن نه ٿيون ته آئيني بحران پيدا ٿي ويندو. عوام به چاھي ٿو ته ملڪ ۾اليڪشن ٿئي ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي ٿي سگھي .

ھن وقت تحريڪ انصاف جيل ڀريو تحريڪ به شروع ڪئي آهي جڏهن ته ان جا ڪارڪن  حڪومت خلاف تحريڪ هلائي ۽ ڌرڻا هڻڻ شروع ڪيا آھن ته مٿان وري عمران خان جي متعلق ڪورٽ جو اھڙو فيصلو آھي جنهن ۾ سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان توشا خانا ۾ مليل تحفا پاڻ وٽ رکي ڇڏيا يا وڪڻي  ڇڏيا جيڪي ملڪ جا ھئا. ھڪ طرف پاڻ ڪرپشن خلاف  نعرا ھڻي رھيو آھي ته ٻئي طرف پاڻ ڪرپشن ۾ ملوث نڪتو آهي. ڪورٽ ۾ پاڻ کي صحيح ۽ بي گناھه ثابت نه ڪري سگھيو ان ڪري ڪورٽن ۾ حاضرين ۽ ٻڌڻين کان لنوائيندو ۽ نٽائيندو رھيو. ڪورٽون مقدس ادارا آھن جيڪي عوام ۽ ملڪ جي ترقي فلاح بهبود لاءِ ۽ ڪرپشن جي خلاف سٺا  قدم کڻي رھيون آھن. آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻ لازمي آھي  پر ملڪ ۾سياسي گرمي وڌي رهي آهي پر حڪومت جي ڪارڪردگي بھتر نه ھجڻ ڪري عوام ڀوڳي رھيو آھي. جيڪڏهن عمران خان  گرفتار ٿيو ته  پوءِ اڃان به وڌيڪ عوامي رد عمل  ظاهر ٿيندو ،جنهن جو مثال عمران خان جي حاضرين تي عوام ۽ ڪارڪنن جو گڏ ٿيڻ آهي.  ملڪ ۾ سياسي جنگ جي ڪري ملڪ  معاشي ڌٻڻ ۾  ڦاسي پيو آھي ۽ مهانگائيءَ آسمان سان ڳالھيون ڪري رھي آھي . ھن صورتحال ۾ ملڪ ۾ اليڪشن ضروري آهن ان جو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن جمھوري حڪومت  آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي ته پوءِ  ملڪ وڌيڪ  آئيني ۽ معاشي بحران جي ور چڙھي ويندو .

[email protected]