ٻوڏ جي ستايلن لاءِ گهرن جي اڏاوت ــ رٿابندي جو مرحلو

0
202
ٻوڏ جي ستايلن لاءِ گهرن جي اڏاوت ــ رٿابندي جو مرحلو

  گهر! پوءِ اُها جهوپڙي هجي، چؤنرو هجي، پکو هجي، بنگلو، فليٽ يا محل . گهر! حفاظت، سڪون، سلامتي، ڍڪ ۽ امان واري جڳهه جو نالو آهي. هڪ چوڻي آهي ته جڳ جو تتو اچي گهر ۾ ٿڌو ۽ ٿانيڪو ٿئي ۽ گهر جو تتو ڪٿي به ٿڌوڪونهي! دنيا ۾ جڏهن به ڪي آفتون اچن ٿيون ته دنيا جا ڪئي ادارا اُتي انساني اهنج گهٽائڻ لاءِ پهچيو وڃن. اهڙن ئي ادارن، ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسينٽ جي عالمي ڪوڊ آف ڪنڊٽ( هلت چلت جو/ اخلاقيات جو اصول) تحت، عهد ناموجڙيل آهي، جنهن کي ”هيومَنيٽرين چارٽر” چون ٿا. ان کي اخلاقي ۽ قانوني بنيادبڻائيندي مدد جا عالمي معيار مقرر ڪياويا آهن، جنهن کي ”اسفيئر اسٽينڊرڊ“ چيو ٿو وڃي. ان ۾ پيئڻ جي پاڻي کان وٺي، کاڌ خوراڪ، شيلٽر/گهرن جي تعمير ۽ صحت وغيره جا تفصيلي ماڻ ۽ معيار ڏنل آهن. جيتوڻيڪ انهن معيارن کي آفتن جي دؤران لاڳو ڪرڻو آهي، پر جنهن حالت ۾ اسان جا بنيادي سماجي شعبا آهن، جنهن ۾ پيئڻ جو پاڻي، نڪاسي، کاڌ خوراڪ، تعليم، صحت جا شعبا اچي وڃن ٿا، انهن سڀني ادارن کي اِهي اسفيئر اسٽينڊرڊضرور ڏسڻ گهرن ۽ پنهنجي ڪم ۾ ان کي اپنائڻ گهرجي. انهن ئي معيارن مطابق گهر جي وصف آهي :”عارضي هجي يا مستقل، ان جي هجڻ جي ڪري انسان موسمي اثرن  ۽ بيمارين کان بچي سگهي، سلامتي ۽ حفاظت جو مضبوط احساس هجڻ کپي، گهر کان روزي روٽي جي ذريعن ۽ موقعن کي سڏ پنڌ تي هجڻ کپي. گهر ۾ ماڻهن، ٻين جي نظر کان پردي ۾، عزت  ۽ وقار سان رهي سگهجي!

سنڌ حڪومت تقريبن ايڪويهه لکن جا ڊٺل، ڪريل يا نقصان ۾ آيل گهر جيڪي 2022ع واري ٻوڏ ۾ تباهه ٿيا، انهن کي ٺاهڻ يا مرمت ڪرڻ جو وچن ڪيو آهي. هي انتهائي وڏو ڪم آهي. انهن سڀني گهرن جي انگ تائين پهچڻ لاءِ تقريبن 550 ارب رپيا کپن. پهرين مرحلي لاءِ سنڌ حڪومت 461000 گهرن تي ڪم شروع ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ 190 ارب رپين جو بندوبست ٿي چڪو آهي. هي پڻ سنڌ ۽ (شايد) پاڪستان جي تاريخ ۾ گهرن ٺاهڻ/مرمت ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو پراجيڪٽ آهي! شايد غريب سنڌ لاءِ ان کان وڏو موقعو پوين ڪيترن ڏهاڪن ۾ نه آيو هجي! ان ڪري ايڏي وڏي، گهڻ پاسائي، متحرڪ ۽ پيچيده پراجيڪٽ کي انتهائي قابل ماڻهن جي هٿان پراجيڪٽ جي انتظام ڪاري، بهتر طرز حڪمراني، گهري ۽ ڏور رس رٿابندي ۽ زميني سچاين کي ذهن ۾ رکندي، شفافيت سان عمل ۾ آڻڻو آهي. اڄ ان گهرن جي تعمير لاءِ هن مضمون ۾ رٿابنديءَ جي پهلوئن تي تفصيل سان ڳالهائينداسين.

جيڪڏهن رٿابندي واري عمل کي ڏسجي ته ان ۾(1) پهريان گهرن جي نقصانن جي ڪٿ ۽ ان جو سڄي ساري نقصان سان ڳانڍاپو،(2) ان کانپوءِ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاليسي، قانوني ۽ ادارتي جوڙجڪ اچي ٿي.(3) ٽين نمبر تي ڪٿ جي بنياد تي پئسن ۽ ڪمن ڪارن جا انگ اکر جوڙي ان لاءِ گهربل پئسن جو بندوبست ڪرڻ،(4) ان کان پوءِ تفصيلي طور تي پراجيڪٽ مقرر ڪيل ادارن ۽ فورمن کان منظور ڪرائڻ،(5) ان سان گڏوگڏ يا ان کان پوءِ گهرن جي لاءِ متاثرين (حقدار) ماڻهن جي تفصيلي سروي ڪرڻ،(6) ان سان گڏ (يا ان کان پوءِ) پراجيڪٽ جي ڪمن ڪارن جي حوالي سان طئي ٿيل گهاڙيٽي (فريم ورڪ) مطابق ٻانهن ٻيلي، سهڪاري پارٽنرن سان پارٽنرشپ/ ڀائيواري جوڙڻ،(7) ان کان پوءِ رٿابندي جو آخري ڪم (جيڪو پراجيڪٽ جي تفصيلي انگ اکر وقت ٺهڻ شروع ٿيندو آهي) هڪ مربوط، تفصيلي گهرن ٺاهڻ جو پلان جنهن ۾ ڪم، انهن جي ٿيڻ جون متوقع تاريخون، ڪنهن کي ڇا، ڪڏهن ڪيئن ڪرڻو آهي، ڪنهن سان گڏجي ڪرڻو آهي وغيره جا تفصيل ڏنل هوندا آهن. ان کي پراجيڪٽ کي عمل ۾ آڻڻ جو پلان، ڪم جو پلان، پروگرام پلان، وغيره جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو.

پهرئين مرحلي وارو ڪٿ وارو ڪم ٿي چڪو آهي. شروع ۾ عالمي ادارن، مرڪزي حڪومت، صوبائي حڪومتن، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ادارتي ڇانوَ ۾ نقصانن جي تفصيلي ۽ تڪڙي ڪٿ پوري ڪئي. ان ۾ سنڌ ۾ ڪِريل، ڊٺل يا وري نقصان ۾ آيل گهرن جو ڪاٿو 17 لک هو، جنهن کي هن وقت سنڌ حڪومت وڌيڪ تازي تصحيح ڪئي آهي، جنهن مطابق هاڻ گهرن جو ڪُل ڪاٿو لڳ ڀڳ 21 لک آهي. ان مان چوڏهن لک پنجاهه هزار جي لڳ ڀڳ مڪمل نقصان ۽ڇهه لک پنجاهه هزار جزوي نقصان ۾ آيل گهر آهن. انهن گهرن جو 79 سيڪڙو ڪچا ۽ 21 سيڪڙو پڪا گهر آهن! ان مان هڪ ڳالهه ته ثابت ٿي ته غريب سنڌ جو نقصان وڌيڪ ٿيو آهي. جيڪا 75 سيڪڙو جي ٻهراڙي جي غربت جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. حقيقت ۾ اُها شايد ان کان به وڌيڪ آهي. ان ڪٿ مان اِها ڳالهه پڻ بلڪل واضح ٿي آهي ته جيڪڏهن ان پراجيڪٽ کي چڱي ريت عمل ۾ آندو ويندو ته ان سان اٻوجهه ۽ غريب سنڌ جا شايد ڏينهن مٽجي وڃن! هاڻ ان ڪٿ کان حَقدارن تائين (جن کي گهر ٺهي يا مرمت ٿي ملندا) پهچ وارو رستو بهتر رٿابندي، سنڌ جي زميني حيقيقتن، سمجهه واري پراجيڪٽ مئنيجمينٽ، ماڻهن جي چڱي ريت سڃاڻ ۽ تصديق ڪرڻ واري عمل سان ئي طئي ڪرڻ گهرجي.

رٿابندي جو پاليسي  ۽ ادارتي جوڙجڪ وارو مرحلو پڻ سنڌ حڪومت چُستي سان ۽ پراجيڪٽ جي ضرورتن جي مطابق گهڻو ڪري پورو ڪري ورتو آهي. سيڪشن 42 تحت ”ٻوڏ متاثرين لاءِ سنڌ عوامي ڪمپني/ سنڌ پيپلز ڪمپني فار فلڊ افيڪٽيز“ جڙي ۽ فعال ٿي چڪي آهي. ان جي آفيسرن، مئنيجرن، اڳواڻي ڪندڙ ۽ شعباتي ماهرن جي ٽيم مقرر ٿي چڪي آهي، جنهن سنڌ جي پنج سڄاڻ ۽ تجربيڪار اين جي اوز سان سهڪاري ڀائيواري برپا ڪري ڇڏي آهي. گهرن جون ڪجهه ڊزائنون اين اي ڊي يونيورسٽي کان ٺهرايون ويون آهن. ان سان گڏ ٻيا گهڻا ڪم هلي رهيا آهن، پر ڇاڪاڻ ته هي پراجيڪٽ سنڌ جو هن وقت جو وڏي ۾ وڏو، 21 لک خاندانن سان گڏجي ڏور رس ترقيءَ واري عملي رستي تي آهي، جنهن ۾ ماڻهن سان گڏجي، ماڻهن جي صلاح سان، انهن کي عزت ڏيندي، الاهجي ڪيترين پيچيدگين کي مُنهن ڏئي اڳتي وڌڻو آهي، ان ڪري هن کي ڪنهن عام اڏاوتي پراجيڪٽ جيان نه سمجهيو وڃي! هي ڪنهن روڊ جيڪو ڪيئي سئو ميلن ۾ هجي، اسپتالن يا آبپاشي کاتي جي تمام وڏي واهن  ۽ ريگيوليٽر ٺاهڻ واري ڪمن کان وڌيڪ ڳنڀير آهي، وقت طلب آهي!

 متحرڪ ۽ قابل ٽيم، جيڪي ماڻهن سان (سي به ڪروڙن ۾) گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هجي، ان کان سواءِهي ڪم ناممڪن آهي.  ٻيو ته جوش، ولولو ۽ ڪم کي اڪلائڻ واري حڪمت عملي ضرور هجي، پر تڪڙي، اڌو گابري  ۽ انگ پورا ڪري ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارو عمل نه هجڻ کپي! ’تِري تي بهشت‘ واري افسر شاهي يا سياسي خواهش کي پڻ ٿورو پاسيرو ڪري اڳتي وڌڻو آهي.

 جيستائين پئسن جي بندوبست واري مرحلي جو تعلق آهي. ان ڏس ۾ پڻ سنڌ حڪومت عالمي بئنڪ ۽ ڪجهه ٻين ادارن ۽ پنهنجن ذريعن مان آمريڪي 747 ملين ڊالرن جو بندوبست ڪيو آهي. جڏهن ته اڃان 1350 ملين ڊالرن جي لڳ ڀڳ پئسن جي ضرورت آهي. انهن پئسن جو بندوبست ڪيئن ۽ ڪٿان ٿيندو، ان جو پروگرام بلڪل صاف هجڻ کپي. مقصد چوڻ جو هي آهي ته جيڪي شروعاتي مرحلي ۾ 461000گهر ٺهڻا آهن، ان جي  چونڊ ڪهڙي بنياد تي ڪبي.  جيڪڏهن باقي پئسن جو بندوبست نه ٿي سگهيو يا دير سان ٿيو ته پوءِ ايئن نه ٿئي جو مستحق، غريب ترين ۽ ڏتڙيل ماڻهو رهجي وڃن! ان ڪري مالي طور تي هڪ مربوط مرحلي وار پروگرام ٺاهڻ ضروري آهي، جنهن جي پهرئين مرحلي ۾ غريب ترين، ڪمزور ترين ۽ سماجي طور تي پٺتي ڌڪاريل، بيواهه، يتيم، عورت گهر جي وڏي، معذور يا ان قسم جي پرک ۾ ايندڙ خاندانن۽ حقدارن کي شامل هجڻ کپي. تنهن کانپوءِ اِهو به بلڪل معلوم هجڻ کپي ته باقي پئسا ڪٿان، ڪيئن  ۽ ڪڏهن هٿ ڪيا ويندا ته جيئن هي گهرن ٺاهڻ وارو گوناگون پروگرام سنڌ جو هڪ مثالي پروگرام بڻجي وڃي۽غريبن کي حق ڏيڻ جو جيڪو سنڌ حڪومت ذمو کنيو آهي، ان کي ڪو ڌاڙو هڻي نه سگهي! هونءَ به هي پئسو غريبن جو آهي.

گهرن ٺاهڻ واري پراجيڪٽ جي منظوري جو مرحلو پڻ پورو ٿي چڪو آهي. پي سي1جي منظوري کان پوءِ عملي طور تي اڳتي وڌي رهيو آهي. ان ۾ صرف هڪ عنصر رهيل آهي، سو آهي ته باقي گهرن جي پئسن جي بندوبست سان گهربل پراجيڪٽ جي منظوري ڪڏهن  ۽  ڪيئن ٿيندي، ان بابت حڪومتي سطح تي چٽي پاليسي ۽ اعلان ٿيڻ کپي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته آفتن کان پوءِ يا وري عام ترقي واري رٿائن واري پراجيڪٽن مان ترقي پذير ملڪن ۾ يا خود اسان جي ئي ملڪ ۾ ڪيترائي پراجيڪٽ اڻپورا ئي رهجي ويا ۽ حقدارن کي حقدار ملڻ کان رهجي ويو!

ڪريل ۽ نقصان رسيل گهرن جي ڪٿ کان پوءِ جيڪو هاڻ اهم مرحلو آهي، سو حقدارن (بينيفيشريز) جي سڃاڻ ۽ انهن جي اڻ ڌري تصديق وارو ڪم آهي. هي نه ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ وارو ڪم آهي ۽ نه هي چند مهينن ۾. ان ڪم کي گهٽ ۾ گهٽ اٺ مهينا لڳندا، سو به چار لک سٺ هزار گهرن جي حقدارن جي سڃاڻپ ۽ تصديق ڪرڻ لاءِ! سڃاڻپ کان آخري عام قبوليت واري تصديق تائين ڪافي قدم آهن، جيڪي صفائي سان  ۽ دنيا جي تجربن، علم ۽ سمجهه مطابق کڻڻا آهن.  اهي چار لک سٺ هزار خاندان آهن، جنهن جي معلومات ۽ گهرڀاتين جا نالا، سڃاڻپ ڪارڊ جا نمبر، ٻيا تفصيل، عمر، ڪم ڪارج، نقصان جي نوعيت ۽ ذريعن وغيره بابت انگ اکرن جا ڪيترائي خانا ڀرڻا هوندا آهن! هڪ فارم ڀرڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ تائين لڳي سگهي ٿو. سمجهڻ کپي ته جيڪڏهن شناخت ۽ تصديق لاءِ ڪا ٽيم هڪ ڏينهن ۾ ڏهه گهرن جي تصديق ڪري ته سؤ ٽيمون هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار  ۽ اڍائي سؤ ٽيمون هڪ ڏينهن ۾ اڍائي هزار گهرن/خاندانن جي تصديق ڪري سگهنديون! ۽ ڇهن مهينن جي 180 ڏينهن ۾ 450000 گهرن جي تصديق ٿي سگهندي! 180 ڏينهن تائين مسلسل ڪم ڪرڻ جي صورت ۾! ڪافي اهڙا ڏينهن هوندا، موڪلون وغيره جن ۾ ڪم ڪري نه سگهبو يا ڳوٺن تائين ۽ ماڻهن تائين پهچڻ ممڪن نه هوندو! يا وري حقدار ماڻهو لابارن يا ٻين ڪمن ۾ هوندا. سمجهڻ کپي ته هي سڃاڻپ ۽ تصديق وارو مرحلو صبر آزما ۽ وقت گهرندڙ آهي، ان ۾ اٺن مهينن کان هڪ سال جو وقت لڳندو ان ۾ ڪنهن به قسم جي اجائي تڪڙ جي ضرورت ناهي! ان ڪري هن اهم مرحلي کي تمام سنجيده وٺڻ کپي. ان جي هڪ هڪ قدم کي کليل، سماجي تحرڪ (سوشل سوبيلائيزيشن) سروي/سڃاڻپ ۽ تصديق جي عالمي تجربن ۽ بهتر اصولن تحت ۽ ٽيڪنيڪي سهولت سان گڏ ڏسڻ جي ضرورت آهي. هي مرحلو جيڪڏهن ڪاميابي سان، بنا ڪنهن وڏي ڏڦيڙ جي ٿيو ۽ اصلي حقدارن تائين پهچڻ جو رستو اپنايو ويو ته گهرن جي اڏاوت ۽ مرمت وارو هي ڪم تاريخي هوندو.

 رٿابنديءَ جو ڀائيواري ۽ سهڪار وارو مرحلو پڻ پراجيڪٽ ۾ اڳين قدمن تي آهي. پنج سڄاڻ اين جي او سان ڪم واري ڀائيواري اڳ ۾ ئي مڪمل ٿي چڪي آهي. هاڻ رٿابندي وارو جيڪو آخري مرحلو، جنهن کي پروگرام جو تفصيلي پلان چئي چڪا آهيون، تنهن تي ان پراجيڪٽ جي ٽيم، جيڪڏهن ماهر/ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيا ويا آهن  ۽ عالمي بئنڪ جي لاڳاپيل ماڻهن ۽ ڀائيوار اين جي اوز سان گڏجي، ان تي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن عملي ڪمن ڏانهن وکيون وڌايون وڃن.

حقدارن جي سڃاڻپ ۽ تصديق ڇاڪاڻ جو رٿابنديءَ جي لاءِ اُهو بنياد آهي، جنهن جي مٿان هن پورو پراجيڪٽ کي اسرڻو آهي، ان کي خاص اهميت ڏئي گهربل ڪم ڪيو وڃي.  ايندڙ مضمون ۾ ان مرحلي جي اهم انتظامي ڳالهين بابت اوهان کي عرض ڪبو.

هن مضمون جي تياري لاءِ هيٺين آرٽيڪلن/ڪتابن جي مدد ورتي وئي.

  1. Supporting Safer Housing Reconstruction After Disasters (UN-Habitat 2019)
  2. The Sphere Standards (2018)
  3. Brief on Housing Project (Planning & development Department, govt of Sindh 2023)
  4. Lessons from Aceh: Key Considerations in Post-Disaster Reconstruction.