سنڌي ادب جو ھڪ ڪلاسيڪل ناول

0
110
سنڌي ادب جو ھڪ ڪلاسيڪل ناول

لانجائينس چئي ٿو ته :“ ادبي عظمت،فطري پيدائش آهي ،پر ان کي هُنر ۽ ڪاريگريءَ ذريعي بهتر بڻائي سگهجي ٿو ،جنهن ۾ ٻين شين سان گڏ وڏن اديبن ،شاعرن جي پيروي شامل هجي ،ادب ۽ فن کي وڌيڪ پراثر ۽ زورائتو بڻائڻ لاءِ ڏات سان گڏ ڏانءُ بيحد ضروري آهي” آئون لانجائينس جي انهن سٽن سان سئو سيڪڙو متفق آهيان ته اهو ليکڪ عظمتن جي بلندين کي ڇهي سگهي ٿو  جنهن وٽ لفظن جو خزانو ۽ موضوعن جي چونڊ ڌرتي ۽ ڌرتي ڄاين جي آجپي ۽ جياپي سان  هجي، سندس ادبي قد ڪاٺ فطرت جي هڙني اصولن تي هجي ، حالتون ڪهڙيون به هجن ، کيس بيباڪ ٿي سماج جي سچ کي پنهنجي نثر يا نظم ذريعي عام ماڻھن تائين رسائي. منهنجي هٿن ۾ هڪ خوبصورت  ناول “سنڌو” پيو آهي . ناول “سنڌو” جو ليکڪ سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار ، ناول نگار  يار محمد چانڊئي لکيو آهي . هن ناول“سنڌو” ۾ اجري سنڌ جو اجرو آئيندو بيان ٿيل آهي . ناول“سنڌو” پڙهندي ڪردارن کي مون منزل جي تمام ويجهي ڏٺو آهي . هن ناول ۾ سنڌ جي ماضيءَ ،حال ۽ مستقبل جون پيڙائون بيان ٿيل آھن ،جن کي ليکڪ شدت سان محسوس ڪري فرضي نالا ڏئي پنهنجي پيار ۽ ادبي امانت کي پڙهندڙن تائين پهچايو آهي. هيءُ صرف هڪ ناول ناهي ،پر پنهنجي  درياھه مٿان لڳل ڌاڙي ، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ جو اهڙو تاريخي ڊاڪيومينٽ آهي ،جنهن کي ڏاڍي سهڻي نموني ليکڪ يار محمد چانڊئي پنهنجي فن ذريعي اسان ۽ اوهان جي هٿن تائين رسايو آهي. سندس ناول “سنڌو” جا ڪِردار پنهنجي ڌرتيءَ منجهان ڪنهن کنڀي وانگر ڦٽي نڪتا آهن . هن ناول ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جو به ذڪر آهي ، جنهن ۾ ليکڪ يار محمد چانڊئي ڌرتيءَ سان ٿيل تاريخي جبر ۽ ڏاڍ تي قلم کنيو آهي . جمهوريت کان آمريت ۽ آمريت کان وطن جي خودمختياري بابت ڪردارن ذريعي حقيقت جا عڪس پيش ڪيا آهن . هي ناول آجپي جي آس لڳائي جيئندڙ قومي اڳواڻن کان هر ان پڙهندڙ لاءِ لازمي آهي جنهن وٽ ديس جو درد آهي ، جنهن جي ديس سان محبت ۽ پيار زندگيءَ جو نصب العين رهيو هجي.

ويجھڙائي واري ماحول ۾ سنڌ جي اديبن ۽ ليکڪن اندر دوستي جي روپ ۾ ھڪ گروھه بندي وارو ماحول جڙيل نظر اچي رھيو آھي، جيڪي ياري باشي ۾ ھڪ ٻئي جي ڇپيل ڪتابن تي ادبي ويھڪون، مھورتون ۽ ٻيون نشستون ڪوٺائي پاڻ وڻائي رھيا آھن . يارمحمد چانڊيو به سنڌ جي ان ڪنڊ ۾ ويھي لکندڙ ليکڪن مان ھڪ آھي . جنهن کي شھرت سان ڪو سروڪار نه آھي . جنهن کي صرف قوم ۽ ڌرتي جي درد جو فڪر آھي . جنهن جي قلم مان صرف بي يارومددگار ماڻھن جي اھنجن جون ڪھاڻيون لکجن ٿيون . هن ناول سنڌو  ۾  به اھو موضوع نهايت ڌيان ڇڪائيندڙ آهي ته  درياھه جا ٻئي  ٻوڏ ۽ سوڪ وارا رخ خطرناڪ آهن . ٻوڏ گهرن ،ڳوٺن ،شهرن کان بي گهر ۽ دربدر ڪري ٿي، غربت جو تماشو ٿئي ٿو ،ليکڪ وٽ ٻنهي رخن مان وڌيڪ هي رخ خطرناڪ آهي . ليکڪ بخوبي سمجهي ٿو ته سڪي ويل درياهه جو درد ڪيترو نه اذيت ڏيندڙ هجي ٿو. هڪ جاءِ تي ليکڪ پنهنجي اندر جي ڀڄندڙ ۽ ڀرندڙ وجودي ڪيفيت جو اظهار هيئن به ڪيو آهي ته :“ هي ناول لکندي منهنجا هٿ به ڪنبيا آهن.” ان باوجود منجهس لکڻ جي همت ۽ حوصلو ڪيئن پيدا ٿيو اهو ليکڪ جي ڌرتيءَ سان اٿاھه عشق جي ئي سگھه چئجي ،جو دکندڙ دل ،روئيندڙ اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کي مس ٺاهي هُن وڏي ڪاريگريءَ سان سنڌ جي مجبور ۽ بي يارو مددگار بڻايل ماروئڙن تي قلم کڻي جنهن بيباڪي سان لکيو آهي تنهن تي ليکڪ يار محمد چانڊيو کيرون لهڻي ٿو . ناول ۾ هونئن سڀئي ڪردار ڌيان طلب آهن ،پر سنگهار، سرمد  سرتاج  سنڌو  باک سورٺ ۽ ڀاڳڀري جا ڪردار تاريخي ڪردار آھن جن کي  سنڌو درياھه سان گھرو عشق آھي . ھو ڌرتي ۽ درياهه سان عشق ۾ زندگي گذارن ٿا . سنڌو درياھه جو تحفظ ھنن جي زندگي جو حصو آھي ،جن جو ڌرتيءَ توڙي ڌرتيءَ جي ماڻهن سان بي انتها محبت ڏيکاري وئي آهي . سندن قلم جي اڏولتا به ڪمال جي ڪاريگري سان پيش ٿيل آهي.

يار محمد چانڊيو سنڌي ٻوليءَ جو نهايت خوبصورت ڪهاڻيڪار ، ناولسٽ ۽ اسڪالر آهي . وٽس موجود تخليقي صلاحيت نرالي آهي. وٽس ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلم خلاف سگهارو آواز آهي . سندس ڪهاڻيون ۽ هي“سنڌو” ناول قوم جي ٿيندڙ استحصال جو اهو تاريخي دستاويز آهي ، جنهن ۾ اجرو من رکندڙ ماڻهن جي پيار ۽ پيڙائون بيان ٿيل آهي .ليکڪ يار محمد چانڊئي وٽ مايوسين بدران اُميدن جو الڳ جهان جڙيل آهي. هي ناول ليکڪ جي شعوري وک چئجي يا غلام ڌرتيءَ تي رهندڙ هڪ باغيءَ وٽ آزاديءَ جو اونو سمجهجي، بهرحال ليکڪ يار محمد چانڊئي جو ناول “سنڌو” پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي راءِ رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته هُن درياهه بادشاھه جي غلاميءَ کان وٺي عورت سان ٿيندڙ زيادتين خلاف جنهن بردباري سان پنهنجي قلم جي اک سان ڏٺو ۽ پرکيو آهي ان مان نتيجو اهو ئي ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌو درياهه کي ڪي قوتون غير فطري انداز ۾ پنهنجي مفادن ۾ استعمال ڪري انهن ماڻهن کي ڀِت سان لڳائڻ چاهين ٿا ،جيڪي “سنڌو درياهه” جا والي ۽ وارث آهن.