نوابشاهه (بيورو رپورٽ) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر پاران يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ فلسطيني شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ فلسطيني شاگردن سان ھڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، گڏجاڻي ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون، پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالل ساند، ڊاڪٽر ڪشن چنڊ، ڊاڪٽر رمضان لوھار، ڊاڪٽر دادن ڀنگوار، ڊاڪٽر عبدالستار ساند، سيڪيورٽي آفيسر عطا محمد چانڊيو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، گڏجاڻي کي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون چيو ته اوھان شاگرد اسان کي پنھنجي اولاد وانگر آھيو، اوھان جي تڪليف منھنجي پنھنجي تڪليف آھي، توھان شاگرد ۽ اسان ھڪ آھيون، ھن چيو ته ڪو به مسئلو ھجي اوھان لاءِ منھنجي آفيس جا دروازا کليل آھن ۽ مان اوھان جي ھر مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن ڪندس، جڏھن ته آخر ۾ اسرائيل جي بمباري ۾ شھيد ٿيل فلسطينين جي ايثال ثواب لاءِ دعا پڻ گهري وئي.