سيٺارجا (ن پ ا) سيٺارجا پوليس شهر جي مختلف هوٽلن، چوراهن ۽ ٻين هنڌن تي سرچ آپريشن ڪري شڪ جي بنياد تي هڪ درجن ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي آندو، جن کي سڃاڻپ ڪرائڻ ۽ ڪوبه ڏوهي رڪارڊ نه هجڻ تي کين آزاد ڪيو ويو. ايس ايچ او سيٺارجا موجب شهر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ، ڪورونا ايس اوپيز تي عمل ڪرائڻ ۽ ڏوهي سرگرميون ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي سلسلي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو جيڪو ايندڙ وقت ۾ پڻ جاري رهندو جيئن شهري امن سان رهي سگهن.