رپڙي (ن پ ا) ڳوٺ جاڙا کوھ واسي 13 سال جو نينگر ارشاد علي ولد احمد علي ڪلھوڙو 3 ڏينهن اڳ گمبٽ واري گهر مان ٻاهر نڪري ويو ته واپس ئي نه موٽيو وارثن پاران ڪافي ڳولھا باوجود نينگر جو ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو، جنهن سبب وارث سخت پريشان آهن، ان ڏس ۾ نينگر جي والد استاد احمد علي ڪلھوڙو ٻڌايو ته پنهنجي برادري جي نصير ڪلھوڙو وارن سان سان ڇڪتاڻ ھلندڙ آھي ۽ اسان کي لڳي ٿو ته انھن جو اسان جي نينگر کي گم ڪرڻ ۾ ھٿ آهي، ان لاءِ ھنن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان گهر ڪندي چيو آهي ته ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.