لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شهيد صحافي منير سانگي جي 15 هين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ورسي جي موقعي تي شهيد جي گهر ڀاتين طرفان گهر ۾ قرآن خواني ڪري لنگر ورهايو ويو، شهيد منير سانگي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صحافين، ڪئمرامين ۽ فوٽوگرافرن نديم سومرو، سعيد ميمڻ، منور ڀٽو، نصير کهاوڙ، مومن ڪنگو، غفار مگسي، شاھ محمد لاشاري ۽ ٻين دودائي قبرستان ۾ شهيد منير سانگي جي مزار تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪيا ۽ فاتح خواني ڪئي، ان موقعي تي هنن چيو ته شهيد منير سانگي 29 مئي 2006ع تي بقاپور واري علائقي ۾ انڙ ابڙا تڪرار تان هلندڙ فائرنگ ۾ پنهنجا صحافتي فرض سرانجام ڏيندي شهادت ماڻي، هوڏانهن لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس ڊويزن پاران لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ شهيد منير سانگي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو، جنرل سيڪريٽري مرتضيٰ ڪلهوڙو، ايل يو جي صدر سرڪش سڌايو نادر ابڙو سميت فوٽوگرافرن ۽ ڪئميرامينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن شهيد منير سانگي جي تصويرن اڳيان گل رکي ميڻ بتيون ٻاري کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.