نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ريلوي اسٽيشن روڊ ڀرسان ڏينهن ڏٺي جو گهر مان چوري ڪندي 2 چورن کي شهرين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، پنجن ڄڻن تي نئون ڪوٽ پوليس ڦر جي ارادي جو ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن کي لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو. نئون ڪوٽ جي ريلوي اسٽيشن روڊ ڀرسان بند پيل گهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو لجپت ڀيل ۽ ڪرم چند ڀيل چوري ڪرڻ لاءِ داخل ٿيا ته شھرين کين چوري ڪندي سوگهو ڪري نئون ڪوٽ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن بعد نئون ڪوٽ شھرين هٿان سوگهو ڪيل ٻن ڄڻن لجپت ڀيل، ڪرم چند ڀيل سميت ٽن ڄڻن گل چانڊيو، خالد چانڊيو ۽ شفيع چانڊيو تي ڦر جي ارادي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. نئون ڪوٽ پوليس موجب ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل جوابدار نئون ڪوٽ ڀرسان ڦر جي ارادي سان روڊ بند ڪري بيٺل هئا ته ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو جنهن ۾ ٻه جوابدار گرفتار ڪيا آھن جڏھن ته ٽي جوابدار فرار ٿي ويا.