جنگشاهي (ن پ ا) جنگشاھيءَ کان ستن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي مارو جبل مان تاريخي اهميت واري غار دريافت ٿي آهي. ان سلسلي ۾ خبر موجب ڪينجهر ڍنڍ مان بحريا ٽائون کي پاڻي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ پائپ لائين وڇائڻ خاطر کوٽائي دوران مارو جبل ۾ غار ظاهر ٿي آھي. اکين ڏٺن شاهدن موجب ڄاڻايل غار اندر ڏھن کان ٻارهن هنڌن تان ٻيون به ڪيتريون ئي غارون نڪرندي نظر اچن ٿيون. اهڙين غارن اندر پٿر تي الله تعاليٰ ۽ نبي پاڪ جا اسم مبارڪ اڪريل نظر آيا، ان کان علاوه ٻين پڻ ڪيترن تاريخي آثارن جي نشاندهي ٿي آهي. مقامي ماڻهن موجب غار جي ڇت گنبذ وانگر ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان کان علاوه مختلف هنڌن تي ننڍا ننڍا گنبذ پڻ ٺهيل آهن. علائقي واسين ۽ ساڃهه وندن قديم آثارن وارن کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مارو جبل جي تاريخي آثارن کي محفوظ بنائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.