سامارو(ن پ ا) تعلقي سامارو جي ديهه بِکوري جي ڳوٺ محمد سومار شر ۾ ھڪ سو کان وڌيڪ مردن عورتن ۽ ٻارڙن کي آنڊي جي بيماري واريون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد ضلعي عمرڪوٽ جي صحت کاتي پاران ڊي ايچ او جي حڪم تي ٻن ڄڻن سول اسپتال عمرڪوٽ جو سرجن ڊاڪٽر موھن کتري ۽ تعلقي اسپتال سامارو جو انچارج ڊاڪٽر جيو راج چوھان تي مشتمل ٽيم ڳوٺ محمد سومار شر پھتي. جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ ۾ موجود مريضن کي تپاسيو ۽ انھن پاران ڪرايل خانگي اسپتالن مان آپريشن سان گڏ مختلف ٽيسٽون ۽ مليل ميڊيسن وارا فائيل چيڪ ڪيا. صحت کاتي جي ٽيم ڊاڪٽر موھن ۽ ڊاڪٽر جيو راج چوھان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي صورتحال خراب آھي، اسان سموري صورتحال کان ڊي ايچ او عمرڪوٽ کي واقف ڪرڻ سان گڏ رپورٽ ٺاهي پيش ڪنداسين، پوءِ بالا آفيسر جيڪو فيصلو ڪن! باقي اسان گوٺاڻن جي پيئڻ جي پاڻي جا سيمپل کڻي ليبارٽري مان چڪاس پڻ ڪرائينداسين، ته جيئن سڀ کان پهرين بيماري جو سبب معلوم ڪري سگهجي! ٻئي طرف ڳوٺ محمد سومار شر جي رھواسين پاران ٽئين ڏينھن به احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڊي ايچ او پاران موڪليل ٻن ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيم صرف ڊرامو آهي، اسان جا ماڻھو مسلسل مري رھيا آھن، پر صحت کاتو اسان جي علاج بدران صرف ڪاغذي ڪاروائي ڪرڻ ۾ مصروف آهي. مظاھرين شاھد شر، نظام شر، جان محمد شر، ربڏنو شر، آصف شر ۽ ٻين دانھيندي چيو ته جيڪڏهن ر ٻن ڏينھن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم پھچي علاج شروع نه ڪيو ته ايندڙ ھفتي شروع ٿيندڙ پوليو مھم جو مڪمل بائيڪاٽ ڪنداسين ۽ ڪابه پوليو ٽيم اسان جي ڳوٺن ۾ نه اچي. ھنن سنڌ حڪومت سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته صحت کاتي جا ڊاڪٽرن ڳوٺ ۾ موڪلي ٽيسٽون ڪرائي اسان جو مڪمل علاج ڪرايو وڃي.