لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ جاڙا واهه جي رهواسين مبينا اغوا ٿي ويل ناري صغريٰ ابڙو جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ناري صغريٰ ابڙو جي ڀاءُ امداد پنهنجي مامي رضا محمد، ماسات عبدالغفار ابڙو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته ڳوٺ لال بخش بگٽي جي رهواسي بااثر هٿياربندن سان گڏجي 12 اپريل تي گهر ۾ گهڙي اسان جي نياڻي صغريٰ کي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.