تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي لڳ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ الطاف چولياڻي ۽ نينگري انيلا چولياڻي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ٿاڻي پهچي پيروز پٺاڻ ۽ ٻين تي اين سي داخل ڪرائي، ان حوالي سان پوليس اهلڪار صدام نندواڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اين سي داخل ٿيڻ بعد اسان رسول آباد ڪالوني ۾ الزام هيٺ آيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وياسين ته پٺاڻن اسان تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ منهنجي آڱر ڀڃي پئي ۽ مون سميت ٻيا 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، هن ٻڌايو ته ايس ايچ او راڻو مهر گرفتار جوابدار پيروز پٺاڻ کي بااثر جي مداخلت تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا زيادتي آهي، ٻي طرف ايس ايچ او راڻو مهر ٻڌايو ته اسان جو ڪوبه پوليس اهلڪار زخمي ناهي ٿيو، الزام هيٺ آيل پيروز پٺاڻ کي گرفتار ڪري ٿاڻي وٺي آياسين، جنهن بعد فريادي ڌر ۽ الزام هيٺ آيل جوابدار ٺاهه ڪري ڇڏيو، جنهن سبب گرفتار پيروز پٺاڻ کي آزاد ڪيو آهي.