کاهي (ن پ ا) کپرو غلام نبي شاهه روڊ تي کاهي ٿاڻي جي همير فقير پوليس پڪٽ جي اهلڪارن ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ TKJ 104 روڪي ورتي. ڪڻڪ جي ضلعي کان ٻاهر چرپر تي پابندي باوجود ڪڻڪ غيرقانوني طريقي سان سانگهڙ ضلعي مان عمرڪوٽ موڪلي پئي وئي. جڏھن ته پوليس اهلڪارن خوراڪ کاتي جي ڪامورن کي پڻ اطلاع ڪري ڇڏيو. خوراڪ کاتي کپرو جي انچارج حاجي خان راڄڙ بروقت پهچي ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ تحويل ۾ وٺي کپرو گدام تي منتقل ڪري ڇڏي.