ٺٽو ( رپورٽر ) گجي ۾ ٿيندڙ گجو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائينل ڪرڪيٽ مئچ مڪلي سي اين جي، ترڪش ڪالوني جي ٽيم کي هارائي فائنل کٽي ورتو. گجو شهر ۾ غفار ميربحر ۽ حيدر سالار پاران ڪرايل گجو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائينل مئچ ۾ مڪلي سي اين جي اليون مقرر 10 اوورن ۾ 124 رنز ٺاهيون، جواب ۾ ترڪش ڪالوني اليون مقرر اوورن ۾ 111 رنسون ٺاهي سگهي. سرمد پليجو کي مئچ جو بهترين ۽ جھانگير خشڪ کي ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر جي ايوارڊ ڏيڻ سان گڏ فائنل مئچ جي فاتح ٽيم ۽ فائنل مئچ هارائيندڙ ٽيمن جي رانديگرن کي ٽرافيون ۽ انعام ڏنا ويا .