ماروئڙن لاءِ مقتل گاهه بڻيل ڪراچي!

 

سنڌ ۾ گذريل وڏي عرصي کان ڌارين جي لوڌ بنا ڪنهن روڪ جي اچي پئي، افغانستان ۾ تازو ٿيل جنگ کانپوءِ انهي ڌارين جي لوڌ ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي واڌ ٿي آهي. انهن ڌارين جي ڪٽڪن جي آخري منزل ھميشھ جيان سنڌ ھوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ شايد سنڌ ۾ ڪو عام ماڻهو نه پر خود سنڌ سرڪار سان لاڳاپيل سياسي ڌريون انهن ڌارين جي ڪٽڪن جون سھولتڪار بڻيل آهن. انهي ڪري دنيا جھان جا پناھگير بنا ڪنهن خوف جي اڄ به لکن جي تعداد ۾ سنڌ اندر آباد آھن، نه رڳو اھي آباد آهن پر سنڌ سرڪار جي نااھلي ۽ سنڌ دشمني سبب اھي ڌاريا ھاڻ ته جيئن چاھين تيئن ڪري سگھن ٿا انهن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي. ڌارين جي اڪثريت جو رخ ڪراچي ڏانهن ھوندو آهي انهي ڪري ڪراچي ۾ وڌندڙ ڌارين جي داداگيري سبب سنڌ جي ماروئڙن لاءِ ڪراچي شھر ڄڻ مقتل گاھ بڻيل آهي جتي ھر روز ڪنهن نه ڪنهن ڌرتي ڌڻي کي پنهنجي ئي ڌرتي تي قتل ڪيو ٿو وڃي ۽ انهن ماروئڙن جي قاتلن ۾ اڪثريت ڌارين جي آهي. انهي باوجود سنڌ سرڪار، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سنڌ جي ماڻهن جي سرعام ٿيندڙ قتلام تي رڳو تماشائي بڻيل آهن. سنڌ سرڪار سميت وفاقي سرڪار پڻ سنڌ ۾ عوام کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ به مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. تازو مڇر ڪالوني ۾ ٻن ڳڀرو سنڌي نوجوانن کي سرعام سنگسار ڪيو ويو پر سرڪار ڪو قدم نه کنيو. ان کانپوءِ سکر واسي ٻوڏ متاثر رانديڪا وڪڻندڙ معصوم ٻار کي پنهنجي جيجل ماءُ جي سامھون سيڪيورٽي گارڊ گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو پر سرڪار جي ڪن تي جونءِ به نه سري.  مختيار ڪار منگھوپير اعجاز چانڊيو کي حددخليون ھٽائڻ تان گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو پر افسوس ھنن بيحس حڪمرانن مان انهن واقعن ۾ انصاف جي ڪھڙي اميد ڪجي؟ اھو ته ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار صوبي ۾ عوام کي تحفظ به نٿي ڏئي سگهي ته پوءِ اھڙي ڀاءُ کان کٽ خالي ڀلي. ڌارين کي ايترو لاڏلو بڻائڻ وارو عمل سڀاڻي خود سرڪار لاءِ به مٿي جو سور بڻجي سگهي ٿو. تنھن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فوري طور سڄي سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏئي کين پنهنجي ماڳن ڏانهن موڪليو. ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جو تحفظ يقيني بڻايو ۽ ماروئڙن جي قاتلن خلاف ڪاروائي ڪندي سنڌ ۾ قانون جي رٽ کي بحال ڪريو.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

انٽرويو ۽ درد…!

 

هونئن ته انٽرويو ڪاميٽين ۾ اڪثر اهي چھرا کنيا ويندا آھن جيڪي عمر جون ڄڻ سڀ بهارون گذاري چڪا هوندا آھن پر هن ڀيري انٽرويو ڪاميٽي ۾ مون کي به کنيو ويو هو. نوجوان هئس ڪاٽن جا ڪپڙا پائي مٿان ڪاري ڪلر جي ڪوٽي ۽ چشمو به پاتم. ڪپڙن، واچ ۽ بوٽ جي ميچنگ رکيم وس ۾ هجي ها ته چشمو به ان رنگ جو خريد ڪريان ها پر اهو ناممڪن هو. خير انٽرويو ڪاميٽي ۾ ٽي پوڙھا ۽ هڪ آئون نوجوان ميمبر هئس. آئون ڪنهن خاص  “شخصيت” جو ويجهو هئڻ ڪري ميمبر بڻيو هئس. انٽرويو جاري هو اميدوار واري واري سان ايندا ويا. نيڪسٽ.. پوڙھو ميمبر وڏي آواز ۾ پٽيوالي سان مخاطب ٿيو. پٽيوالي اميدوار موڪليو.. سر شروعات توهان ڪريو. منرل واٽر جي بوتل خالي ڪري، پهريون سوال ڪيومانس. نالو ڇا اٿئي؟ وراڻيائين، علي وارث.. واهه  ڪنهن جو وارث آھين؟ سر خالي نالو وارث آھي پر نه ڌرتي جي مالڪي ڪري سگهيو آھيان نه ئي ان جي وسيلن جي.

ٽيبل تي گلدستا سجايا هئاسين. سوال ڪيومانس،  گلدستن جي ڇا اهميت آھي؟ وراڻيائين، ٽيبلن تي گلدستا اهي سجائيندا آھن جن جي اندر ۾ خوشبو ناهي هوندي. نهار ڪيم ٽئي پوڙھا تپي باهه ٿي ويا. وري پڇيومانس ته، کير جي خالصيت ڪهڙي اوزار سان معلوم ڪئي ويندي آھي؟ سر ليڪٽو ميٽر سان. ۽ انسان جي جسم جو ٽيمپريچر؟ سر، ٿرماميٽر سان .

چيومانس ويري گوڊ.. پر سر ڇا اهڙو ڪو اڃا اوزار دريافت ناهي ٿيو جو ماڻھوءَ جي بک معلوم ڪري سگهي…؟

الا…آئون ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويس. ڪاميٽي جي هڪڙي ميمبر مون کي چيو هي ڪهڙي بڪواس آھي؟ هن کي روانو ڪر ته ٻي کي گهرايون. ته ٻي پوڙھي  آھستي چيس سر هي ڦلاڻي ماڻھوءَ جو ماڻھو آھي. ڪاميٽي مان توکي ئي ڪڍرائي ڇڏيندو نئون ميمبر آڻيندو. همراهه چپ ٿي ويو.

اميدوار کان وري سوال ڪيم ۔فزڪس ڇا آھي؟ سر مادي ۽ توانائي جي باهمي عمل کي فزڪس چئجي ٿو. پر سر امان ۽ بابا جو تعلق زياده ڪونه رهي سگهيو. بابا ٻي شادي ڪري امان کي ڄڻ جيئري بيواهه ڪري ويو. اردو ڇا کي ٿو چئجي؟ سر اردو لفظ جي معنا آھي لشڪر پر اسان ٽولن  ۾ ورهايل آھيون تڏهن ته پنهجن حقن کان محروم آھيون. پاڻيءَ جو فارمولو ڪهڙو آھي؟ سر ايچ ٽو او. پر سر  بک ۽ غربت جو ڪو فارمولو ناهي ڇا؟ اکڙين ۾ ته آگم لهي آيو پر پڇيومانس اسلاميات پڙھي اٿئي؟ ها سر جنهن ۾ حرام ۽ حلال روزي جا درس ڏنا ويندا آھن پر پاڻ به حرام کائيندا آھن. بايولاجي ڇا کي ٿو چئجي؟ سر بايو معنيٰ زندگي ۽ لوگاس معنيٰ ڄاڻ. زندگي بابت ڄاڻ. پر ڪير زندگي ڪهڙي حال ۾ ٿوگذاري ان بابت ڪنهن کي به ڪو غرض ناهي سر.

سنڌي ڇا آھي؟ سر سنڌي اسان جي مادري زبان آھي جيڪا پنج هزار سال پراڻي آھي. پر اسان ڄڻ مادري زبان ڌڪاري ڇڏي آھي. پنهنجن ٻارن کي سنڌي پڙھايو ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايو جهڙا هوڪا ڏيندڙن جا ٻار به شھر جي وڏن وڏن  ۽  سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏيندڙ پرائيويٽ ادارن ۾ پڙھن ٿا.

آخري سوال، خوبصورتي ڇا کي ٿو چئجي؟ سر توازن. ڇا مطلب؟ سر مطلب اهو ته مثال هڪ ماڻھو صفا حسين ۽ خوبصورت آھي پر بکايل آھي مطلب توازن ۾ ناهي ڇا ان کي خوبصورت چئي سگهجي ٿو.

ٽنهي ميمبرن علي وارث جي نالي سامهون ريمارڪس ۾ لکيو فيل.. مون وڏي آواز ۾ رڙيون ڪري چيو تون پاس آھين، تون پاس آھين ها تون پاس آھين. وڏيون رڙيون ٻڌي امان سندس بستري تان اٿي آئي. نرڙ هٿ رکي چيائين پٽ بخار ته ڪونه اٿئي. باقي طبيعت ٺيڪ ڪونه اٿئي ڇا؟ جو وڏيون رڙيون پيو ڪرين؟ چيم …خا خا ..خواب هو امان…!اڌ گلاس پاڻي پيتم علي وارث جهڙي نوجوان پنهنجو درد پي بيان ڪيو ته،

کیسے گذر رہی ہے سبهی تو پوچهتے ہیں،

مگر  کیسے گذارتا ہوں کوٸی نہیں پوچھتا…!

 

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول

سڪرنڊ شھر ۽ آسپاس ۾ چڪي مالڪن ۽ واپارين خلاف نوٽيس ورتو وڃي

 

سڪرنڊ ۽ آسپاس ڳوٺن ۾ چڪي مالڪن اٽي جا ھٿراڌو اگھه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. غريب مسڪين ھاري مزدور طبقو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي. چڪي مالڪ ۽ منافعي خور واپاري قانون کان به طاقتور آهن جو هو قانون تي عمل نٿا ڪن ۽ انهن کي ڪجهه به نه ٿو ڪيو وڃي. سڪرنڊ شھر لاوارث بڻيل آهي. اٽو، سبزي، آلو، ٽماٽا، بصر، گوبي، واڱڻ، مرغي، مڇي سميت ضرورت جي ھر شي جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪري رهيا آهن لسٽون به غائب آهن. سنڌ سرڪار اعلان ڪيو ته 65 روپيا ۾ في ڪلو اٽو وڪرو ڪيو ويندو پر هتي اٽو 110 کان 120 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد سميت اعليٰ انتظاميا ان معاملي جو نوٽس وٺي چڪي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري غريبن کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.

 

منظور علي زرداري/ سڪرنڊ

 

سينٽ پيٽرڪس ڪراچي جو قديمي اسڪول

 

سينٽ پئٽرڪس ھاءِ اسڪول صدر ڪراچي قديم ترين اسڪولن مان ھڪ آھي. ھن اسڪول جو بنياد 1861ع ۾ رکيو ويو. ھن اسڪول جي ايراضي به تمام گھڻي آھي جنھن ۾ ڪاليج ۽ پرائمري کان علاوه ٽيڪنيڪل سيڪشن ڪيمبرج سيڪشن موجود آھي. ھڪ وڏي لائبريري به آھن جنھن ۾ تمام گھڻا ڪتاب به موجود آھن. ھڪ آڊيٽوريم ھال آھي، ٻه پلي گرائونڊ به آھن. منھنجي جوائننگ 8 نومبر 2020ع ۾  ھن اسڪول ۾ سنڌي سبجيڪٽ ٽيچر طور ان وقت ٿي جڏھن منھنجو پيارو دوست سائين محمد اسلم سميجو اھو اسڪول ڇڏي وڃي رھيو ھو، جيڪو ھن وقت ڊي ايچ اي ۾ سنڌي سبجيڪٽ ٽيچر طور ڪم ڪري رھيو آھي. سينٽ پيٽرڪس ھاءِ اسڪول ۾ سال جا 10 مھينا اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪئي ۽ اھو ھڪ بھترين تجربو رھيو. ھن اسڪول ۾ سڀ ھاءِ ڪوالٽي ٽيچر آھن. اڪثريت فيميل ٽيچرز جي آھي اسان جي اسٽاف ۾ اسين 20 کن ٽيچر ھئاسين جنھن ۾ ميل ٽيچرز جو تعداد صرف 5 ھو. ھڪ اسان جي سيڪشن ھيڊ ھئي جنھن جو نالو مس ڪرن ھو ۽ ھڪ منھنجي سينيئر مس حميده شبير ھئي انھن کان گھڻو ڪجھ سکڻ لاءِ مليو. مس ڪرن واقعي ڪرن ھئي تمام اعليٰ شخصيت جي مالڪ ھئي ۽ پنھنجي ڪم ۾ به پروفيشنل ھئي جيڪا ھاڻي ٻئي اسڪول ۾ پرنسپال طور ڪم ڪري رھي آھي. ٻين ٽيچرز ۾ مس رضوانه، مس آئرين خورشيد تمام سينيئر ٽيچرز ھيون. ڪلاس رومز ۾ سافٽ بورڊن تي شاگردن پاران ٿيل پينٽنگ به تمام اعليٰ قسم جي ھوندي آھي. گڏوگڏ اسڪول جي گيلري ۽ اسٽاف روم ۾ به سافٽ بورڊ لڳل آھن جن تي ھر سبجيڪٽ جي مناسبت سان معلوماتي شيون ٺھيل ھونديون آھن. منھنجي جوائننگ کان ڪجھه مھينا پوءِ آرٽ جي نئين ٽيچر به ڀرتي ٿي جنھن جو نالو مس شھزادي ھو. مس شھزادي به آرٽ جي زبردست ٽيچر ھئي ۽ ڪڏھن ڪڏھن مون سميت اڪٽر ٽيچرز ان کان مدد حاصل ڪندا ھئا. ميٿ جا منھنجا ٻه بھترين دوست منھنجي اسڪول ڇڏڻ کان اڳ ڇڏي ويا، اھي پنھنجي سبجيڪٽ جا ماھر ھئا، IBA جي ٽيسٽ پاس ڪري گورنمنٽ ٽيچر ٿي ويا ھڪ وسيم اشرف ۽ ھڪ اوليور ان کان علاوه مس سونيا ۽ سر مرون به ميٿ پڙھائينديون هيون. اسان جي اسٽاف روم ۾ ڪڏھن به ڪنھن جي ڪنھن سان تلخ ڪلامي ڪونه ٿي ھر ڪو پنھنجي ڪم سان ڪم رکندو ھو. اسڪول ۾ صبح مان سوير ٽائم تي اسيمبلي ٿيندي ھئي ۽ ھڪ بريڪ ٿيندو ھو جنھن کي اسين رسيس به چوندا آھيون. ھن اسڪول ۾ ھر قسم جا ۽ ھر مذھب جا شاگرد پڙھندا آھن. اڪثريت مسلمانن جي ھوندي آھي ان کان علاوه ڪرسچن ۽ ھندو ڪميونٽي جا ٻار به پڙھندا آھن. ھر مذھب جي ٻارن لاءِ ان جي مذھب جي حساب سان ٽيچر مقرر ٿيل ھوندا آھن ۽ ھن اسڪول ۾ ھر مذھب جو ڏھاڙو جن ۾ ميلاد، ھولي ۽ ڪرسمس ۽  آزادي جو ڏھاڙو ۽ سنڌ جو ٽقافتي ڏھاڙو به تما۾ بھتر طريقي سان ملھايو ويندو آھي. اسڪول جي مينيجمينٽ تمام بھترين آھي اسڪول جو پرنسپال سر انٿوني ڊيسلوا ۽ وائس پرنسپال مس ڪرسٽين مارٽن به بھترين شخصيت جا مالڪ آھن. اسڪول جو ڊسيپلين اعليٰ قسم جو آھي. ھي اسڪول قديم اسڪولن ۾ شايد ٻئي نمبر تي اچي ٿو ھن اسڪول ۾ داخلا ملڻ به تمام ڏکي آھي. داخلا لاءِ ايڊوانس ۾ اپلا۽ ڪرڻو پوندو آھي. اسڪول ٻن شفٽن ۾ ھلندو آھي. اسڪول جي مختلف ٽيمن مختلف راندين ۾ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن، ھن اسڪول مان محمد خان جوڻيجو، پرويز مشرف، مراد علي شاھ، دانش ڪنيريا، نبيل گبول، شوڪت عزيز، حسن رضا، عدنان سميع سميت ڪيترائي نامور شخص تعليم پرائي چڪا آھن. ھن اسڪول ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ آڪسفورڊ جو نصاب پڙھايو ويندو آھي. نصاب کي ٽن ٽرمز ۾ ورھايو ويندو آھي ۽ ھر ٽرم جا الڳ پيپر ٿيندا آھن ۽ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ انعام به تقسيم ڪيا ويندا آھن. ھي اسڪول ھر طبقي سان واسطو رکندڙن لاءِ ھڪ آئيڊيل اسڪول آھي ۽ مون کي ھن اسڪول مان مختصر عرصي ۾ گھڻو ڪجھه سکڻ لاءِ مليو جيڪو اڄ سرڪاري اسڪول ۾ ڪم اچي رھيو آھي.

 

محمد ٻارڻ ساحل/سجاول

 

مهاتير محمد جي هار

 

ملائيشيا جي عام چونڊن ۾ اڳوڻو وزيراعظم مهاتير محمد هارائي ويو. مهاتير محمد کي 53 سالن کانپوءِ پهرين شڪست ملي ۽ هو پنهنجي سيٽ به هارائي ويو. اسان جي ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم  عمران خان به پاڻ کي مهاتير محمد  جي پاليسين سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر سياسي ۽ قائدانه طور تي ڪردار ۾ سياسي لچڪ نه هجڻ ڪري هو پنهنجي پارٽي اندر ۽ سياسي طور سياسي ماحول ۾ حڪومت برقرار رکڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو. ملائيشين مهاتير محمد جي اقتداري ايوانن مان نيڪالي کان اڳ ئي عمران خان پنهنجي اقتدار تان هٽي ويو. مهاتير محمد جي ناڪاميء پويان ڪهڙا سبب ۽ هٿ آھن جو هو مسلسل  53 سالن کان ايوان ۾ ايندو رهيو پر کيس سياسي طور 53 سال ۾ ڪاميابي کان ناڪامي ڏانهن ڇو وڃڻو پيو اهو وقت جو اهم سوال آھي جنهن جو هو پاڻ جواب ڏئي سگهي ٿو. عمران خان پنهنجي رجيم چئينج  کي عالمي قوتن سان سلهاڙي پاڻ کي سياسي طور عوام ۾ مقبول رکي ٿو ، پر هو پنهنجي سياسي ۽ حڪومتي رووين کي سامهون رکي پنهنجي اقتداري ناڪام پاليسين ۽ مجموعي وفاقي سياسي ۽ حڪومتي پاليسين جو جائزووٺڻ لاءِ تيار ڪونه آھي. ان ڪري ئي کيس هر هر يوٽرن وٺڻو پوندو آهي. اسان وارا حڪمران عدالتن وسيلي اقتدار کان محروم ٿين يا عوامي ايوانن ۾ پنهنجي وڃايل اڪثريتي عوامي نمائندگي تي اقتدار کان ٻاهر ٿين پر چوندا ته اسان کي سازش تحت اقتدار کان محروم ڪيو ويو. اچو ته انتظار ڪيون ۽ ڏسون ته مهاتير محمد جڳ مشهور حڪمران ۽ عوامي ملڪي وقار بحال ڪندڙ ايشيا جو مسلم عالمي اڳواڻ سڀاڻي پنهنجي عوامي ناڪامي جا سبب ڪهڙا ٿو ٻڌائي.

 

رحمت الله ٻرڙو

 

والدين جي خواهش سبب اولاد تي پوندڙ ناڪاري اثر

 

هر شاگرد جي پنهنجي دلي خواهش ھوندي آهي ته اسين ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر ۽ وڪيل ٿيون. پنهنجي ۽ پنهنجي والدين جي دلي خواهش پوري ڪريون، تنهن ڪري هو ٽيسٽ جي تياري لاءِ وڏن وڏن سينٽرن ۾ انٽري ٽيسٽ جي تياري لاءِ داخلا وٺندا ۽ تياري ڪندا آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته شاگردن جي ڪامپيٽيشن ۾ ڪي شاگرد ڊپريشن ۾ اچي ويندا آهن ۽ ٽيسٽ سٺي نه ڪري سگهندا آهن ته والدين کي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جا مهڻا ۽ طعنا ملن ٿا. فلاڻي ماڻهو جي اولاد ٽيسٽ پاس ڪئي پر توهان جو اولاد محنت نه ٿو ڪري تنهن ڪري هو ناڪام ٿيو آهي. ڀلي انهي شاگرد ڪيتري به محنت ڇو نه ڪئي هجي! جڏهن هو ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿين ٿا ته نااميد ٿي ذهني ڊپريشن جو شڪار ٿي خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو هميشه جي لاءِ اجهائي ڇڏين ٿا. والدين کي گهرجي ته جيڪڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياريو ٿا ته ان کي فيل ٿيڻ تي مهڻا ۽ طعنا ڏيڻ بجاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪريو ته اهي ٻيهر ٽيسٽن جي تياري ڪري اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪن. هن سال 13 نومبر 2022ع تي ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ ورتي وئي پر ڪيترائي شاگرد ٽيسٽ پاس ڪري نه سگهيا ۽ شاگردن جون حسرتون اڌوريون رهجي ويون. انهن شاگردن کي گذارش ٿي ڪجي ته اهي دل شڪسته ٿي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائڻ جي ٻيهر ٽيسٽ جي تياري ڪن ۽ نااميد نه ٿين. انهن کي پنهنجي محنت جو ڦل دير يا سوير ضرور ملندو. زندگي بار بار ناهي ملندي، زندگي جو هر لمحو ڀرپور جيئو ۽ زندگي جي هر لمحي جو قدر ڪريو.

 

ڊاڪٽر ثانيا جروار/ڊگهڙي

هي آهي ڪاڇو‎‎

 

ڊرگھه بالا وٽ ڪاڇي جي سڀ کان وڏي پاڻي جي ندي گاج نئين جي ڪپ تي گاج بنگلن وٽ آبپاشي ملازمن  جي رهائش لاءِ ٺھرايل بلڊنگ زبون ٿي وئي آهي ان جي مرمت نه ٿي ڪرائي وڃي. مرمت جي مد ۾ ھر سال لکين روپيا اچن ٿا پر اهي هن عمارت تي خرچ نه ٿا ڪيا وڃن. 1938ع ۾ تعمير ڪرايل ايريگيشن بلڊنگ تعمير ٿيڻ بعد هن وقت آبپاشي عملي جي نااهلي سبب بي ڌياني جو شڪار آهي. هتي هڪ ايس ڊي او، چار سرويئر، چار داروغا، 10 بيلدار، هڪ چوڪيدار، مالهي سميت ٻيو عملو مقرر ڪيل آهي پر اهي هتي ويهن ئي نه ٿا جنهن ڪري عمارت ڀڙڀانگ لڳي پئي آهي. مرمت نه ٿيڻ سبب برساتن ۾ڀتيون ھنڌا ھنڌان ڪمزور ٿي ويون آهن ۽ ڇت مان پاڻي ٽمندو آهي.  آبپاشي کاتي جي غفلت ۽ ڪوتاهين ڪري  1995ع  کان 2011 ع تائين آيل گاج ندي جي ٻوڏن سبب هن عمارت کي به نقصان پهتو. هن عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي ته هي استعمال جي قابل ٿي سگهي ٿي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو

ڪينسر جي مرض سان جهيڙيندڙ نوجوان جميل احمد سومرو مدد جو منتظر!

 

شڪارپور جي تعلقي خانپور جي يوسي رحيم آباد جو رهواسي جميل احمد سومرو ولد غلام فريد سومرو غريب ۽ مزدور گهراڻي جو نوجوان آهي، جيڪو هن وقت ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جنگ وڙهي رهيو آهي. هن مهانگائي جي وقت ۾ کيس مهانگي علاج ڪرائڻ جي سگهه نه هئڻ ڪري هو ڪنهن سرندي واري ۽ مسيحا انسان جي مدد جو منتظر آهي. جميل احمد سومرو پنهنجي گهر جو ڪمائڻ وارو واحد فرد هو. جيئن ته هو هن وقت بيماريءَ جي بستري تي آهي، ان ڪري هن جي گهر جو گاڏو هلڻ انتهائي مشڪل ٿي پيو آهي، جيڪو اڳ ئي آڻڻ ۽ چاڙهڻ جي بنياد هلي رهيو هو. هو ڪڏهن ريڙهي هلائيندو هو ته ڪڏهن وري مزدوري ڪري خاندان جو گذر سفر ڪندو هو، پر هن وقت بيماريءَ جي حالت ۾ هو ڪم ڪرڻ جهڙو نه رهيو آهي، جنهن ڪري نه سندس علاج ٿي رهيو آهي، نه ئي سندس گهر هلي رهيو آهي. سرنديءَ وارا ۽ فلاحي ادارا هن جي مدد لاءِ اڳتي اچن ته جيئن هن نوجوان جي زندگي بچي سگهي. هڪ انسان جي زندگي بچائڻ پوري انسان ذات جي زندگي بچائڻ جي برابر هوندو آهي.

 

رياض هاشم لاشاري/شڪارپور