اشو آف دي ڊي … جيئي ڀٽو ڇڏيو، جيئي عوام چئو: جونيئر ذوالفقار جي نعري تي سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
345

جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويو، ڪراچي ۾ مورت مارچ دوران جونيئر ذوالفقار ڀٽو جيئي ڀٽو جا نعرا هڻائڻ تي جذباتي ٿي ويو ۽ هن چيو ته جيئي ڀٽو نه چئو پر جيئي عوام چئو، اهڙي ڳالهه کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جونيئر ذوالفقار ۽ جيئي عوام ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، جونيئر ذوالفقار جي اهڙي ڳالهه تي سوشل ميڊيا تي بحث به ٿيندو رهيو، ڪالهه ٻئي ڏينهن به جونيئر ذوالفقار جي نعري جا چرچا رهيا. ان حوالي سان عروسه لاشاري لکيو ته شينهن جو پٽ به شينهن، ڪراچي جي هڪ تقريب ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جذباتي ٿي ڪري ڀٽو جا نعرا بند ڪرائي ڇڏيا، جيئي عوام جا نعرا جذباتي انداز ۾ لڳايا، واقعي اصل ڀٽو جو وارث ان کي چوندا آهن، مجاهد علي گبول وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو آهي ته ”مان صرف پنهنجي خاندان جو اڪيلو وارث آهيان، باقي سنڌ جا وارث ڀُٽا نه اوهان عوام آهيو، ساگر ڀٽو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڀٽو خاندان جو اصل وارث ھاڻ ميدان ۾لھي آيو آهي عمران خان چيو ھيو جڏھن عمران جي حڪومت ايندي چور سڀ گڏجي ويندا ان جي اڳڪٿي صحيح ٿي ھاڻي جونيئر ذوالفقار ميدان تي لٿو آهي مان سمجھان ٿو چورن کي گھڻو مٿي ۾ سور پوندو، ڪاشف علي تنيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جونيئر ذوالفقار چيو آهي ته ڀُٽو جو اڪيلو وارث مان ئي آھيان، جونيئر ذوالفقار ڀُٽو جو جذباتي انداز، سلمان خان سومرو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هاڻي ته ڇڏيو جيئي ڀٽو کي اصلي ڀٽي پنهنجي وضاحت ڏئي ڇڏي، پي اي احمد وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جونيئر ذوالفقار چوي پيو ته پنهنجي ڏاڏي جو اصل وارث آئون آهيان ، سنڌ تي حق اسانجو ناهي نه ئي اسانجي خاندان جو آهي، حق اوهانجو آهي، اوهان ئي سنڌ جا وارث آهيو، بخشل جمالي وڊيو شيئر ڪئي ته بھادر پيءُ جو بھادر پٽ آهي، اصل ڀٽو جو وارث جونيئر ذوالفقار ڀٽو آهي، سائين بخش لغاري پوسٽ شيئر ڪئي ته اي ٿڌڙي هوا وڃي هن کي چئجان! هي اکڙيون اڄ به تنهنجي لاءِ اُداس آهن! شھيد مير مرتضي ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جو والي وارث جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جنهن جا لفظ جيئي ڀٽو جا نعرا نه هڻو جيئي عوام جيئي چئو، مگر اسان جا سنڌي ڀائر اصلي ڀٽو کي ڇڏي ٻين جي پويان هلي سڄي سنڌ کي سورن ۾ وڌو اٿن، انهن معصومن کي اها به خبر ڪونهي ته اسان جي ضلعي ۾ گهڻو ٽيڪس جمع ٿئي ٿو گهڻو بجيٽ ڏيئي مال هضم ڪريو وڃن بس جنهن قوم جي تعليم بند هجي انهي قوم ۾ ڪڏهن به شعور نه ايندو، ارم رياض پوسٽ شيئر ڪئي ته جونيئر ذوالفقار جيئي ڀٽو جا نعرا هڻائڻ تي ناراض ٿي ويو جيئي عوام جا نعرا هڻايا، انيس احمد ناريجو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جونيئر ذوالفقار جو عوام کي صاف پيغام، جيئي ڀٽو جا نعرا ڇڏيو، جيئي عوام جا نعرا ھڻو، پنھنجي ڏاڏي ذوالفقار ڀٽو جو وارث آئون آھيان پر سنڌ جو وارث عوام آهي تنهن ڪري جيئي عوام جو نعرو هڻو ۽ پنھنجا حق وٺو، پنهور عامر جونيئر ذوالفقار جي دما دم مست قلندر تي ڌمال واري وڊيو شيئر ڪئي، نظير علي گوپانگ وڊيو شيئر ڪئي ته نعري ڀٽو، جيئي ڀٽو جي پچر ڇڏيو هاڻي صرف جيئي عوام جو نعرو هڻو، جونيئر ذوالفقار ڀٽو عوام اڳيان نئون نعرو متعارف ڪرائي ڇڏيو، ذوالفقار علي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جئي ڀٽو جي نعرن تي ناراض ٿي جونيئر ذوالفقار ڀٽو جزبات ۾ اچي ويو جيئي ڀٽو نه جيئي عوام جا نعرا هڻايا، صفدر چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جونئير ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آھي هاڻ ڇڏيو پچر،خالق چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ‏ڀُٽي خاندان جي آخري چشم و چراغ  “جُونيِئر ذوالفقار علي ڀُٽو اڄ سِنڌي قوم کي ڀُٽي جو قرض معاف ڪري ڇڏيو! ھاڻي اسين اڄ کان پوءِ ڀُٽي جا قرضي نه آهيون، جيئي عوام…مير نصرالله شر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جونيئر ذوالفقار ڀٽو جيئي ڀٽو جي نعرن تي ڪاوڙ جو اظهار، نعرا هنيائين جئي ڀٽو نه جئي عوام، ڇو ته حق عوام جو آھي، ڀٽو ۽ اسانجي خاندان جو ناهي، ياسين جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاندار سچائي سان ڪم ڪري رهيو آهي شھيدن جو هيءُ درويش وارث ذوالفقار ڀٽو جونيئر،  پر اڄ سنڌ ۾ جيڪا حڪمرانن جي بدترين راڄ خلاف عوامي نفرت ڳوٺ ڳوٺ ۾ پکڙيل آهي ، ان جو فائدو وٺڻ ۽ ڪروڙين سنڌين کي فائدي لاءِ فاطمه ڀٽو جو واپس اچڻ لازمي آهي. ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ڏتڙيل ۽ ڏکويل ماڻهو فاطمه جي آجيان ڪرڻ لاءِ پھچندا. ڏسي وٺجو، احسان اسد شر پوسٽ شيئر ڪئي ته جيئي ڀٽو جو نعرو هڻڻ تي ذوالفقار جونئير ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين!! جيئي عوام، اسان کي اڃا ڪو ملائڪ لهي اچي ڪونه ٻڌائيندا، علي مراد چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جيئي ڀٽو نه جيئي عوام چئو، جونيئر ذوالفقار لڳي ٿو مرتضي جو لال  خون پچي پچي لال ٿيو آهي سگھه پيدا ڪري آيو آهي، سرمد علي پوسٽ شيئر ڪئي ته جونيئر ذولفقار ڀٽو چوي ٿو جيئي ڀٽو کي ڇڏيو، جيئي عوام جا نعرا هڻو، اهڙي ڳالهه بعد مخالفن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي، اداس شاهزيب وڊيو شيئر ڪئي ته ڀٽي خاندان جي آخري چشم و چراغ “ذوالفقار جونيئر” اڄ سنڌي قوم کي ڀٽي جو قرض معاف ڪري ڇڏيو! ھاڻي اڄ کان اسين ڀٽي جا قرضي ڪونه آھيون…صابر علي ٻٻڙ لکيو ته جونيئر ذوالفقار جي اهڙي بيان مخالفن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، عرفان جان پوسٽ شيئر ڪئي ته جونيئر ذوالفقار ڀٽو خطاب دوران جيئي ڀٽو جي نعري تي جذباتي ٿي ويو، جيئي ڀٽو نعري کي ڇڏي جيئي عوام جا نعرا هڻڻ لاءِ چوندو رهيو، ياسيمن چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته واھه جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو زنده باد.. ھاڻ اھڙي ڀٽي کي سياست ڪرڻ ڏني وڃي.آزاد سميجو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جونيئر ذوالفقار جو جيئي بٽو جي نعري تي رد عمل ڏيندي چيو ته جيئي عوام چئو، شاهزيب علي ملاح وڊيو شيئر ڪئي ته جونيئر ذوالفقار چيو آهي ته پنهنجي ڏاڏي جو اصل وارث آئون آهيان ، سنڌ تي حق اسانجو ناهي نه ئي اسانجي خاندان جو آهي، حق اوهانجو آهي، اوهان ئي سنڌ جا وارث آهيو، مير سڄڻ خان ڪنراڻي پوسٽ شيئر ڪئي ته جونيئر ذوالفقار علي جيئي ڀٽو بدران جيئي عوام جو نعرو لڳائي ڇڏيو!! اھو نعرو مخالفن جي سياست جي تڏا ويڙھه شروع ڪندو،اهڙو وقت ويجهو آهي، ولي ناريجو ۽ علي جانوري پوسٽ شيئر ڪئي ته نعري ڀٽو، جيئي ڀٽو جي پچر ڇڏيو هاڻي صرف جيئي عوام جو نعرو هڻو، جونيئر ذوالفقار ڀٽو عوام اڳيان نئون نعرو متعارف ڪرائي ڇڏيو.. زاهد غفور لاشاري پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪراچيء ۾ ٿيل ھن ساڳئي پروگرام ۾ پ پ اڳواڻ شھلا رضا به آيل ھئي، جنھن اسٽيج کان ھيٺ بيھي ”جيئي بلاول زرداري“ جا نعرا پئي لڳايا ته ھجوم جي ڪجھه ماڻھن ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا لڳائڻ شروع ڪيا. جنھن کان بعد جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جذبات ۾ اچي چيو ته ”ڀٽو خاندان جو وارث آئون آھيان ۽ سنڌ جو وارث ھي سنڌ جو عوام آھي“ ۽ ائين ئي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جيئي عوام جا نعرا لڳرايا، حاجي شڪيل چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ‏ڀٽي خاندان جي آخري چشم و چراغ  “جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو اڄ سنڌي قوم کي ڀٽي جو قرض معاف ڪري ڇڏيو! ھاڻي اڄ کان پوءِ اسين ڀٽي جا قرضي ڪونه آھيون.جيئي عوام، تاج رند پوسٽ شيئر ڪئي ته ڇا جو “جيئي ڀٽو”، چئو “جيئي عوام”: جونئير ذوالفقار (زندہ باد جونيئر)، سراج چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته ڌرتي ماءُ جي ٻولي ڪيڏي نه مٺي آهي، ڪائنات جي ڪا به طاقت ڪنهن به فرد کان ان جي حقيقي ٻولي ۽ ثقافت نٿي ڦُري سگهي. لاڙڪاڻي واسي جونيئر ڊوالفقار ڀٽو ڪراچيءَ ۾ خواجا سرائن جي هڪ تقريب دوران کيس ڏنل دعوت لاءِ ٿورو مڃندي. مولا علي عه جو اهو قول اهڙن ماڻهن لاءِ ئي آهي ته ” اوهان جي وچ ۾ وڏو ماڻهو اهو آهي جنهن جي سامهون اوهين پنهنجو پاڻ کي ننڍڙو نه سمجهو “جونيئر ذوالفقار آڏو عام ماڻهو وڏو ملھه ۽ مقام رکي ٿو. ارجن مهيشوري پوسٽ شيئر ڪئي ته جونيئر ذوالفقار ڀٽو، جيئي ڀٽو جي نعرن تي ناراض ٿي موجود حاضرين کان جيئي سنڌ جو عوام جا نعرا لڳرايا. عرفان گوپانگ، ايڊووڪيٽ نواب بڙدي، خادم چانڊيو، زاهد بلوچ، مرتضيٰ ڀٽو، سلمان دراني، مسعود احمد، بابر ڀٽي، قدير سومرو، عنائته پهوڙ، آڪاش انور جوکيو، سائٿ علي رضا، قرت منير، سنڌو نواز گهانگهرو، غلام صديق، شوڪت علي، اياز بروهي، فضل عباس، محمد علي ۽ ٻين به اهڙيون پوسٽون شيئر ڪيون.