ڦل(ن پ ا)ڦل ڀرسان درگاه فقير ظاهر پير مست جي ميلي ۾ ملاکڙو ٿيو، سنڌ جي بهترين ملھه پهلوانن هڪٻئي کي ڦيرائي ڦيرائي ڦھڪا ڪرايا. جنهن تي شقينن جا ڪوڪريا ٿي ويا. ميلي جي گادي نشين فقير طارق روشن ميمڻ ملهه پهلوانن تي ٻه هزار روپين کان 5 هزار روپين تائين جا بل رکيا. پھرئين جوڙ ۾ صفدر عالماڻي ۽ غني ڪلھوڙو جو مقابلو ٿيو جيڪو صفدر عالماڻي وڏي جدوجهد کان پوء غني ڪلهوڙو کي دسي کٽي ورتو . ٻئي جوڙ ۾ ٽيڊي شيدي چريو لغاري کي ٻئي ملهون ماري ٽن هزار روپين جو انعام کٽيو. ٽئين جوڙ ۾ حفيظ خاصخيلي کي زاھد مري دسي ٻن هزار روپين جو بل کنيو.