لنڊن (م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز، جنيد صفدر ۽ حسين نواز لنڊن کان مختلف يورپي ملڪ گهمڻ هليا ويا. ذريعن موجب ايندڙ 10 ڏينهن ۾ نواز شريف ۽ سندس فيملي 5 يورپي ملڪن جو دورو ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي فيملي گذريل رات هڪ يورپي ملڪ پهتي آهي. واضح رهي ته مريم نواز به ڪيترن ئي ڏينهن کان لنڊن ۾ موجود آهي ۽ پيءَ سان گڏ وقت گذاري رهي آهي.