ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي ڊاڪٽرن، نرسن، ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ پيرا ميڊيڪوز جو  مطالبن جي مڃتا لاءِ وزيراعليٰ هائوس طرف مارچ، پوليس ڊي جي سائنس ڪاليج وٽ ملازمن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو، 200 کان وڌيڪ ملازم ۽ سموري مرڪزي قيادت گرفتار، پوليس جو عورت ملازمن تي به بدترين تشدد، واٽر ڪينن جو استعمال، مرد اهلڪار عورت اهلڪارن کي گھلندا رهيا، سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ پيپلز اسڪوائر وارو روڊ سڄو ڏينهن جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، سنڌ سيڪريٽريٽ وٽ قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تان ملازم عورتن پاران اٿڻ کان انڪار، هڪ ڪلاڪ تائين مٿن واٽر ڪينن جو استعمال ڪرڻ بعد تشدد ڪري کين بڪتر بند گاڏين ۾ وڌو ويو، گرينڊ هيلٿ الائنس پاران ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ پوليس اهلڪارن جو علاج نه ڪرڻ جو اعلان، ان حوالي سان ڪالهه چوٿين ڏينهن به گرينڊ هيلٿ الائنس پاران رسڪ الائونس کي مستقل ڪرڻ، سروس اسٽرڪچر، ٽائيم اسڪيل ۽ ڊيپوٽيشن پاليسي نه جوڙڻ خلاف سنڌ سيڪريٽريٽ جي مُک گيٽ اڳيان احتجاج جاري رکيو ويو، ملازمن پاران جمعي نماز بعد سنڌ سيڪريٽريٽ کان وزيراعليٰ هائوس طرف پرامن مارچ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوليس کين ڊي جي سائنس ڪاليج وٽ رڪاوٽون وجھي روڪي لٺبازي ڪئي، انهي دوران چڪريون به ٿيون  پوليس پاران مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ  واٽر ڪينن  ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ويو، جنهن ڪري 30 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف زخمي ٿيا پيا، پوليس چڪرين دوران 200 کان وڌيڪ ڊاڪٽرن ۽ فيميل ملازمن کي تذليل جو نشانو بڻائڻ بعد گرفتار  ڪري مختلف ٿاڻن تي لاڪپ ڪري ڇڏيو، سنڌ سيڪريٽريٽ جو پيپلز اسڪوائر ۽ ڊي جي سائنس ڪاليج وارو روڊ سڄو ڏينهن جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، پوليس واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪندي رهي،  جنهن ڪري عورت ملازمون بيهوش ٿينديون رهيون، شام ڌاري سنڌ سيڪريٽريٽ ٻاهران لڳل مستقل احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل 40 کان وڌيڪ عورتن تي به پوليس ڪڙڪي پئي، جن کي مسلسل ٻن ڪلاڪن تائين واٽر ڪينن جو نشانو بڻائي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر عورتون بڪتر بند گاڏين ۽ واٽر ڪينن آڏو ليٽي پيون، جنهن بعد پوليس کين گھلي، موبائيلن ۾ وجھي ٿاڻن تي کڻي وڃي احتجاجي ڪيمپ خالي ڪرائي ڇڏي، چڪرين دوران عورت ۽ مرد ملازمن جا ڪپڙا به ليڙون ليڙون ٿي ويا پر پوليس کي رحم نه آيو. رات دير سان ڊاڪٽرن، نرسن، پيراميڊيڪل ۽ صحت جي ٻئي عملي ڪراچي پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو، ان حوالي سان گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن ڊاڪٽر محبوب نوناري، ڊاڪٽر ڪليم کوسو، اعجاز ڪليري، ڊاڪٽر فرخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا مطالبا جائز آهن، اڳ به ڪيترائي ڀيرا اسان کي ڪاميٽين ۾ ڦاسائي خاموش ڪرايو ويو آهي، هر ڀيري لالي پاپ ڏنا ويندا آهن، هن ڀيري اٽل ارادي سان نڪتا آهيون ته رسڪ الائونس کي مستقل ڪرائڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد ئي احتجاج ختم ڪيو ويندو.. هوڏانهن سنڌ سرڪار پاران چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهي هيٺ 5 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻن سينيئر وزير سعيد غني ۽ ناصر شاھ سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاھ ۽ سيڪريٽري فنانس کي به ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو، ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي ته گرينڊ هيلٿ الائنس جا مسئلا معلوم ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي  جنهن جو باضابطا طور تي نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو پر گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن پاران رسڪ الائونس سميت ٻين مطالبن جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو،

ڪراچي (نمائندن وٽان ) گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو بائڪاٽ ڪري ڌرڻا هنيا ويا. حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ملازم سراپا احتجاج ٿي ويا، لاڙڪاڻي ۾پيرا ميڊيڪل اسٽاف، نرسن، ڊاڪٽرن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو، سکر سول اسپتال جي ايمرجنسي بلاڪ آڏو مک روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي  مظاھرو ڪيو ويو، جڏهن ته 23 ڏينھن کان او پي ڊي جو هلندڙ بائيڪاٽ پڻ جاري رهيو.خيرپور سول اسپتال جي مين گيٽ ۽ ايمرجنسي وارڊ ٻاهران ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته ڪالهه 26هين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ جاري رهيو. دادو سول اسپتال ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو  هنيو ويو. جڏهن ته او پي ڊي، ميڊيڪل ۽ سرجيڪل وارڊ ، آپريشن ٿيٽر بند رهيا. ٺٽي ۾ صحت کاتي جي ملازمن سول اسپتال ٺٽو مڪلي ۾ او پي ڊي او بائڪاٽ ڪري مظاهرو ڪيو. ڪنڌڪوٽ ۾ علي حسن قمبراڻي ۽ يار علي بلوچ جي اڳواڻي  ۾ احتجاج ڪيو، قمبر ۾ رفيق منگي ۽ لطيف گوپانگ جي اڳواڻي ۾ مظاهروڪيو ويو، نصيرآباد ۾ فقير اقبال سومرو، قاسم ڇٽو، امام الدين شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڌرڻو هنيو ويو، ٽنڊي باگي ۾ تعلقي اسپتال ۾ اسلم ڀرڳڙي، ڊاڪٽر حنيف ميمڻ،  غلام محمد جوڻيجو، مجيد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ڇاڇري  ۾ ملازمن ۽ ڊاڪٽرن اوپي ڊيز جو بائڪاٽ ريلي ڪڍي،