خانپور/ چڪ ( رپورٽ: صفي الله سيٺار/آزاد انور مهر) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخش علي عطراڻي جتوئي ۾  ڪمالاڻي جتوئي ۽ عطراڻي جتوئين ۾ هلندڙ ڪارنھن تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪر کنيو آھي،ڪمالاڻي جتوئي ڌر جي ماڻھن رحم علي عطراڻي جتوئي تي حملو ڪري هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي عطراڻي جتوئي ڌر جي ماڻھن ڪمالاڻي جتوئين جي 3 ڄڻن سونارو پٽ ربن، ميھار عرف سڳو پٽ شيرل، سائينداد پٽ بچل ڪمالاڻي جتوئي کي قتل ڪيو، واقعي بعد علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ڌريون جديد ھٿيارن سان ھڪٻئي تي فائرنگ ڪندا رھون، ڌريون مورچا بند ٿي ويون آھن. پوليس واقعي واري ھنڌ ٽن ڪلاڪن کانپوءِ پھچي لاش چڱن مڙسن معرفت خانپور اسپتال آندا، جتي وارثن عورتون پنھنجي پيارن جي لاشن جي مٿان ماتم ڪنديون رھيون ۽ قاتلن کي پٽيون پاراتا ڏينديون رھيون.ڪمالاڻي ڌر جي عورتن مسمات سڪينه، مسمات ٻيجل پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته عطراڻي جتوئين اسان جي زمين ۾ لابارو ڪندڙ جوانن مٿان فائرنگ ڪري قتل ڪيو آھي،ٻئي طرف مارجي ويل عطراڻي ڌر جي رحم علي عطراڻي جتوئي جي وارث عورتن مسمات دلشاد پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جي راھ ويندڙ ھمراھ کي ڪمالاڻين بي گناھ قتل ڪيو آھي، اسان جو جھيڙي سان ڪو به واسطو نه آھي، ٻئي طرف مقتولن جا لاش گھر پھچڻ تي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول پکڙجي ويو ۽ مقتولن جي گھرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو،