اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي نااهليءَ جون درخواستون رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فواد چوڌري ۽ آصف زرداري ڪنهن ڪورٽ آف لا مان سزا يافته نه آهن، ٻنهي عوامي نمائندن جي نا اهلي تڪراري حقيقتن تي گهري وئي، تڪراري حقيقتن جو تعين ڪرڻ لاءِ جاچ ضروري هوندي آهي، جاچ دوران ٻنهي نمائندن جا سياسي مخالف فائدو کڻندا، عدالتن جي اهڙن معاملن جي جاچ ۾ پوڻ سان عوام جو چونڊيل نمائندن تي  ڀروسو گهٽجي ويندو آهي، جاچ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن کي اهل به قرار ڏنو وڃي ته کين پهتل نقصان جو ڪو ازالو نه آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته خواجا آصف کي هن ئي عدالت نااهل قرار ڏنو هو، 7 مهينن کانپوءِ سپريم ڪورٽ هن جي اپيل منظور ڪئي، ان عرصي دوران خواجا آصف جي تڪ جو عوام نمائندگي کان محروم رهيو، خواجا آصف کي سياسي نقصان ۽ بدنامي جو منهن ڏسڻو پيو، فيصلي ۾ چيو ويو ته عوام کي ئي اهو اختيار هجڻ گهرجي ته هنن جي نمائندگي ڪير ڪندو، اڪيلو عوام ئي اهو طئي ڪري سگهي ٿو ته ڪير صادق ۽ امين آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله نا اهلي جون درخواستون رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ لکيو ويو ته بطور جج چونڊيل نمائندن تي بالادستي جي دعويٰ ناهي، صادق ۽ امين جو اعليٰ پيمانو چونڊيل نمائندن کانسواءِ ڪنهن آفيس هولڊر لاءِ موجود ناهي، اهو پيمانو ان اڻ چونڊيل ماڻهن لاءِ به هجڻ گهرجي جن جي حڪومت ۾ هن ملڪ جي اڌ زندگي گذري، 62 ون ايف تحت نا اهلي جا گهرا اثر هوندا آهن، پارليامينٽ نمائندن جي خود احتسابي جو پنهنجو مڪينزم بڻائي سگهي ٿي.